اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطاڪاري واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ نيپال ۾ تازي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کان پوءِ جاري امدادي، ڳولا، ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان طرفان هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي آهي. اربع ڏينهن موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران جاري بيان موجب نيپال جي سفير ريتا ڏيتال سان ملاقات دوران ڊاڪٽر مصدق ملڪ قيمتي انساني جانين جي نقصان …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاران نيپال ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کان پوءِ ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان طرفان هر ممڪن تعاون جي آڇ

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطاڪاري واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ نيپال ۾ تازي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کان پوءِ جاري امدادي، ڳولا، ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان طرفان هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي آهي. اربع ڏينهن موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران جاري بيان موجب نيپال جي سفير ريتا ڏيتال سان ملاقات دوران ڊاڪٽر مصدق ملڪ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هن سانحي جي نتيجي ۾ ٿيل نقصان جو ازالو لفظن سان ممڪن ناهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڏک جي هن گھڙيءَ ۾ نيپال سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڳولا، ريسڪيو ۽ بحالي جي آپريشنز ۾ پنهنجي تجربي، فني صلاحيتن ۽ دستياب وسيلن جي سهڪار لاءِ تيار آهي. هن چيو ته آفتن جي وڌندڙ شدت ۽ پيچيدگي کي نظر ۾ رکندي جديد ٽيڪنالاجي کي ڊزاسٽر ريسپانس جو حصو بڻائڻ ضروري آهي. سيٽلائيٽس، ڊرونز ۽ مصنوعي ذهانت متاثر علائقن جي نگراني، نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ ڳولا ۽ بچاءُ جي ڪاررواين ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته قدرتي آفتن کي مڪمل طور تي روڪي نه ٿو سگهجي، پر انهن جي اثرن کي گڏيل قدمن ذريعي گهٽائي سگهجي ٿو. خطي جي ملڪن، خاص طور تي جيڪي مٿين ۽ هيٺين دريائي علائقن سان لاڳاپيل ملڪن کي موسمياتي خطرن، شروعاتي خبرداري واري نظام ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته پاڪستان نيپال سان Glacial Lake Outburst Floods (GLOFs) بابت پنهنجا تجربا، خطرن جي نشاندهي ۽ دستياب ڊيٽا شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري پيدا ٿيل معاشي نقصانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته روڊن، رابطاڪاري ۽ ٻي بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصانن سان پڻ نيپال جي معيشت تي وڏو دٻاءُ پيو آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪ ايتري وڏي پئماني تي موسمياتي نقصان اڪيلي برداشت نٿا ڪري سگهن ۽ عالمي برادري کي موسمياتي آفتن کان متاثر ملڪن وقت سر ۽ اثرائتي مالي مدد يقيني بڻائڻي پوندي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيل نقصانن ۽ تباهي جو معاملو ايندڙ سي او پي ۾ اٿاريو ويندو، ڇاڪاڻ ته موسمياتي آفتن جي وڌندڙ معاشي ۽ انساني اثر عالمي سطح تي گڏيل ڌيان جا گهرجائو آهن. وفاقي وزير، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي طرفان نيپال جي عوام سان همدردي ۽ يڪجهتي جو پيغام پڻ پهچايو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نيپال هڪ گڏيل جاگرافيائي ۽ گڏيل موسمياتي خطن جو حصو آهن، اسان کي انهن چئلينجن جو مقابلو به گڏجي ڪرڻو پوندو. نيپالي سفير ريتا ڏيتال پاڪستان پاران يڪجهتي جي اظهار ۽ تعاون کي ساراهيو ۽ وفاقي وزير کي نيپال ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ موسمياتي خطرن جي سڃاڻپ، جي ايل او ايف مانيٽرنگ، ابتدائي خبرداري نظام، ڊزاسٽر مينيجمينٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال سميت گڏيل تعاون جي مختلف رخن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.











