ڪجهه حلقن پاران خالص مالياتي وهڪري ۾ گهٽتائي کي سرڪاري ملڪيتي ادارن ايس او ايز جي مالي ڪارڪردگي يا مالي صحت ۾ خرابي طور سمجهڻ درست ناهي: ناڻي واري وزارت جي وضاحت

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزارت واضح ڪيو آهي ته ڪجهه حلقن پاران خالص مالياتي وهڪري ۾ گهٽتائي کي سرڪاري ملڪيتي ادارن ايس او ايز جي مالي ڪارڪردگي يا مالي صحت ۾ خرابي طور سمجهڻ درست ناهي، سرڪاري ادارن ۾ سڌارن جو رخ واضح آهي، جنهن جو مقصد سرڪاري ادارن جي ڳاڻيٽي جي گهٽتائي، گورننس ۽ جوابدهي کي مضبوط بڻائڻ، شفافيت ۾ اضافو، ڪاروباري نظم …

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزارت واضح ڪيو آهي ته ڪجهه حلقن پاران خالص مالياتي وهڪري ۾ گهٽتائي کي سرڪاري ملڪيتي ادارن ايس او ايز جي مالي ڪارڪردگي يا مالي صحت ۾ خرابي طور سمجهڻ درست ناهي، سرڪاري ادارن ۾ سڌارن جو رخ واضح آهي، جنهن جو مقصد سرڪاري ادارن جي ڳاڻيٽي جي گهٽتائي، گورننس ۽ جوابدهي کي مضبوط بڻائڻ، شفافيت ۾ اضافو، ڪاروباري نظم و ضبط ۾ بهتري ۽ مسلسل مالياتي خطرن کي گهٽائڻ آهي. اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ناڻي واري وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته مالياتي وهڪرو سرڪاري ادارن جي مالي ڪارڪردگي ٻه ڌار ڌار پئمانا آهن، مالياتي وهڪرو ڪيش فلو بنيادي طور تي حڪومت ۽ سرڪاري ادارن وچ ۾ ٿيندڙ ڏي وٺ جي عڪاسي ڪري ٿو، جنهن ۾ حڪومتي مدد سان گڏوگڏ ٽيڪس، منافعو، ليويز ۽ ٻين ادائيگين جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ رقم شامل هوندي آهي، جڏهن ته سرڪاري ادارن جي مالي ڪارڪردگي جو جائزو منافعي ۽ ٻين مالي ۽ انتظامي اهڃاڻن جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي. مالي سال 2025-26ع جي پهرين ڇهه ماهي دوران، منافعو ڪمائيندڙ سرڪاري ادارن مجموعي طور 423.3 ارب رپيا منافعو حاصل ڪيو جڏهن ته نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جو مجموعي خسارو 342.8 ارب رپيا رهيو جيڪو اٽڪل محدود سطح تي برقرار رهيو. خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ سرڪاري ادارن ۾ جاري سڌارن ۽ نگراني جي نظام تحت اڳڀرائي جو هڪ اهم اهڃاڻ آهي. ترجمان ٻڌايو ته ڄاڻايل عرصي دوران سرڪاري ادارا حڪومت لاءِ خالص مالياتي مددگار ثابت ٿيا، انهن ادارن کان حڪومت کي 839.8 ارب رپين جي آمدني ٿي، جڏهن ته حڪومت طرفان انهن ادارن کي 804 ارب رپيا فراهم ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 35.8 ارب رپين جو مثبت خالص مالياتي وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو. حڪومت جي خرچن ۾ واڌ جو بنيادي سبب سرڪاري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ گردشي قرض جي انتظام سان لاڳاپيل ايڪوٽي جي فراهمي ۽ مالي مدد هئي، جڏهن ته سرڪاري ادارن کان حاصل ٿيل منافعي ۾ 26 سيڪڙو ۽ ٽيڪس جي مد ۾ حاصل ٿيل رقم ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو. ترجمان ٻڌايو ته خالص مالياتي وهڪري ۾ ٿيندڙ تبديلين کي حڪومت ۽ سرڪاري ادارن وچ ۾ ڏي وٺ جي وقت ۽ نوعيت جي روشني ۾ ڏسڻ گهرجي ۽ ان کي سرڪاري ادارن جي منافعي بخش هجڻ يا مالي ڪارڪردگي جو واحد پئمانو نه سمجهڻ گهرجي. اهڙي طرح سرڪاري ادارن ۾ سڌارن جو جائزو صرف ڇهن مهينن جي مالياتي وهڪري جي ڀيٽ واري جائزي جي بنياد تي وٺڻ به جاري ڍانچي جاتي سڌارن کي نظرانداز ڪرڻ جي برابر آهي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنهنجو آپريشن بند ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان زرعي اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشن (پاسڪو) کي ختم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي نجڪاري مڪمل ٿي چڪي آهي. ترجمان چيو ته توانائي جي شعبي ۾ 9 بجلي ورڇيندڙ ڪمپنيون فيسڪو، گيپڪو، آئيسڪو، ليسڪو، ميپڪو، حيسڪو، سيپڪو، ۽ پيسڪو جي نجڪاري پروگرام ۾ شامل آهي ۽ مختلف مرحلن ۾ ڏيتي ليتي جي عمل مان گذري رهيون آهن. ان سان گڏوگڏ سرڪاري ادارن جي بحالي ۽ نجڪاري جو هڪ وسيع پروگرام جاري آهي جڏهن ته پهرين مرحلي ۾ شامل ادارن جي حوالي سان مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن طرفان اڳ ئي ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ترجمان ٻڌايو ته حڪومت سرڪاري ادارن جي نظام ۾ گورننس سڌارا پڻ متعارف ڪرائي رهي آهي، جنهن تحت آزاد ۽ پيشيواراڻي بورڊن جو قيام، ڪاروباري منصوبن جي حوالي سان جوابدهي، ڪارڪردگي جي نگراني ۽ سڀني ادارن لاءِ شفاف، انگن اکرن تي ٻڌل نگراني نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي. ترجمان چيو ته حڪومت سرڪاري ادارن جي ڪجهه شعبن کي درپيش لڳاتار چئلينجن کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ هر اداري جي مخصوص صورتحال کي نظر ۾ رکندي، بحالي، بندش، نجڪاري ۽ ڪارڪردگي جي مضبوط نظام ذريعي انهن مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي.