گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاران مڪه ريجن طرف ڊرون حملي جي ڪوشش جي مذمت

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، مڪه ريجن طرف ڊرون حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته مقدس هنڌن جي حرمت ۽ سلامتي هر مسلمان لاءِ انتهائي اهم آهي، اهڙي ڪا به ڪوشش ناقابل قبول آهي. اربع ڏينهن جاري بيان ۾ هن چيو ته سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته مقدس …

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، مڪه ريجن طرف ڊرون حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته مقدس هنڌن جي حرمت ۽ سلامتي هر مسلمان لاءِ انتهائي اهم آهي، اهڙي ڪا به ڪوشش ناقابل قبول آهي. اربع ڏينهن جاري بيان ۾ هن چيو ته سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته مقدس هنڌن جي تحفظ تي ڪنهن قسم جو سمجهوتو نٿو ڪري سگهجي. گورنر چيوته مسلم دنيا مقدس هنڌن جي تحفظ ۽ سلامتي جي معاملي تي متحد آهي، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سموري ڌرين کي ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو هوندو ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب بڻيا. هن چيو ته مڪه مڪرمه ۽ ٻين مقدس هنڌن جو تحفظ پوري مسلمان امت جي گڏيل ذميواري ۽ جذبن سان وابسته معاملو آهي. 

مزید خبریں