پانڊا بانڊ پاڪستان ۽ چين جي ڊگهي عرصي واري اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي مالياتي رخن کي مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻجندو، اهو اسان جي پائيدار فنانسنگ فريم ورڪ جي مطابق آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو پهريون پائيدار ساورن پانڊا بانڊ چين جي دنيا جي ٻي وڏي ۽ گهري ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي ڊگهي عرصي واري اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي مالياتي رخن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻجندو. پاڪستان لاءِ 2026ع ايشيا-پئسفڪ ڪلائيميٽ بانڊز ايوارڊ جي موقعي تي ڳالهائيندي …

اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو پهريون پائيدار ساورن پانڊا بانڊ چين جي دنيا جي ٻي وڏي ۽ گهري ڪيپيٽل مارڪيٽ تائين پهچ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي ڊگهي عرصي واري اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي مالياتي رخن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻجندو. پاڪستان لاءِ 2026ع ايشيا-پئسفڪ ڪلائيميٽ بانڊز ايوارڊ جي موقعي تي ڳالهائيندي ناڻي واري وزير ڪلائيميٽ بانڊز انيشيئيٽو جي اهم اعزاز تي دل جي گهراين سان ٿورن جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پهريون پائيدار پانڊا بانڊ ڪيترن ئي حوالن سان اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان پهريون ڀيرو دنيا جي ٻئي سڀ کان وڏي ۽ ٻي گهري ڪيپيٽل مارڪيٽ سان رابطو ڪيو آهي، جنهن سان پاڪستان لاءِ سرمائي جي نئين ۽ وسيع ۽ متنوع ذريعن جا دروازا کليا آهن. ان سان چين ۽ پاڪستان جي ڊگهي عرصي واري اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي مالياتي رخن کي وڌيڪ سگهه ملندي. ناڻي واري وزير چيو ته پانڊا بانڊ کي مارڪيٽ طرفان انتهائي مثبت رد عمل مليو. ٽن سالن جو بانڊ 2.5 سيڪڙو جي انتهائي مقابلي واري شرح تي جاري ڪيو ويو، جڏهن ته ان لاءِ حاصل ڪيل آرڊرز جاري ڪيل بانڊ جي ڳاڻيٽي کان ٽي ڀيرا وڌيڪ هئا. هي پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي بنيادي اهڃاڻن، سڌارن جو رخ ۽ خودمختيار مالياتي ساک تي مارڪيٽ جي اعتماد جو واضح اظهار آهي. هن چيو ته هن بانڊ جي پائيدار نوعيت ان جي هڪ ٻي اهم خصوصيت آهي ڇاڪاڻ ته بانڊ مان حاصل ٿيل فنڊز ماحول دوست ۽ سماجي شموليت تي ٻڌل سيڙپڪاري جي منصوبن تي خرچ ڪيا ويندا، جن ۾ پاڻي، توانائي ۽ صحت جا شعبا شامل آهن. هن چيو ته هي بانڊ پاڪستان جي پائيدار فنانسنگ فريم ورڪ جي مطابق ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گرين ٽيڪسونومي ۽ ڪلائميٽ پراسپيريٽي پلان سان پڻ هم آهنگ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان چين جي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ صرف هڪ ڀيرو بانڊ جاري ڪرڻ تائين محدود نه رهندو، شروعاتي ۽ پهرئين پانڊا بانڊ جو ڳاڻيٽو 1.75 ارب چيني يوآن هو، جڏهن ته نيشنل ايسوسيئيشن آف فنانشل مارڪيٽ انسٽيٽيوشنل انويسٽرز مجموعي طور تي 7.2 ارب چيني يوآن جي پانڊا بانڊ پروگرام جي منظوري ڏني آهي. پاڪستان آئنده به چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ سان رابطو ۽ ضرورت مطابق وڌيڪ بانڊ جاري ڪندو. ناڻي واري وزير ايوارڊ جي منتظمين جو شڪريو ادا ڪندي چين جي حڪومت، چيني ريگيوليٽرز، خاص طور تي پيپلز بئنڪ آف چائنا ۽ اين اي ايف ايم آءِ آءِ، ڪريڊٽ انهانسمنٽ فراهم ڪندڙ ادارن اي آءِ آءِ بي ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ، سيڙپڪارن، انڊر رائٽرز، صلاحڪارن ۽ ناڻي واري وزارت جي پنهنجي ٽيم جو به شڪريو ادا ڪيو، جن جي ڪوششن سان هي اهم ۽ پهرين ڏي وٺ ڪاميابي سان مڪمل ٿي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ هي اعزاز حاصل ڪرڻ فخر1 جي ڳالهه آهي ۽ حڪومت هن اعتراف تي منتظمين جي شڪرگذار آهي.

مزید خبریں