اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 7900 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 57 هزار 236 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 7 هزار 900 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 57 هزار 2 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 6773 رپين …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 7900 رپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 7900 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 57 هزار 236 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 7 هزار 900 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 57 هزار 2 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 6773 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 85 هزار 233 رپين مان وڌي 3 لک 92 هزار 006 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 53 هزار 243 رپين مان وڌي 3 لک 59 هزار 351 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو چانديءَ جي قيمت 140 رپين جي واڌ کانپوءِ 6942 رپيا ۽ 10 گرام چانڊيءَ جي قيمت 120 رپين جي واڌ کانپوءِ 5951 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4268 ڊالرز مان وڌي 4347 ڊالرز ٿي وئي آهي.









