ڪيپ ٽائون- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي دولت مشترڪه جي پارلياماني اسيمبلي جي 69 هين اجلاس کي خطاب دوران ڀارتي وفد کي پنهنجي کِل جوڳي طرز عمل جي بنياد تي عالمي برادري آڏو مايوسي جو منهن ڏسڻو پيو. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب موسمياتي تبديلين جي حوالي سان جڏهن پنهنجي خطاب ۾ سردار اياز صادق موسمياتي تبديلين جي مسئلن کي منهن …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي دولت مشترڪه جي پارلياماني اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب دوران ڀارتي وفد کي کِل جوڳي طرز عمل جي بنياد تي عالمي برادري آڏو مايوسي جو منهن ڏسڻو پيو

مزید خبریں
ڪيپ ٽائون- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي دولت مشترڪه جي پارلياماني اسيمبلي جي 69 هين اجلاس کي خطاب دوران ڀارتي وفد کي پنهنجي کِل جوڳي طرز عمل جي بنياد تي عالمي برادري آڏو مايوسي جو منهن ڏسڻو پيو. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب موسمياتي تبديلين جي حوالي سان جڏهن پنهنجي خطاب ۾ سردار اياز صادق موسمياتي تبديلين جي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ 6 نڪاتي پلان پيش ڪيو ته ان دوران ڀارتي نمائندا پهرين ته پوري توجهه سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ٻڌندا رهيا. اسپيڪر سڌي ريت ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ عالمي پارلياماني برادري آڏو پاڻي جي کوٽ، دريائن ۾ اوچتو پاڻي جي آمد ۽ پاڻي روڪڻ جهڙا معاملا پيش ڪيا ته ان تي ڀارتي نمائندن جوابي تقريرون ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. ڀارتي نمائندن جي کِل جوڳي حرڪتن تي جميڪا جي اسپيڪر ۽ ڳالهين جي ميزبان عورت هندستاني نمائندن کي خاموش رهڻ يا ڪمري مان نڪري وڃڻ جي اپيل ڪئي. ڪمري ۾ موجود عالمي پارلياماني برادري جي ميمبرن ڀارتي وفد جي ان طرز عمل تي ٽهڪ ڏنا.









