راولپنڊي- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان رابرٽ بريٽ ويليڪو وِچ جي سربراهي ۾ دفاعي ۽ اهم بنيادي ڍانچي جي شعبي ۾ مهارت رکندڙ آمريڪي ڪمپني “پاور اس“ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، دفاعي ٽيڪنالاجي جي اڀرندڙ رجحانن ۽ دفاعي خريداري، پيداوار ۽ سگهه ۾ اضافي لاءِ سهڪار جي راهن تي …
چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان رابرٽ بريٽ ويليڪو وِچ جي سربراهي ۾ آمريڪي ڪمپني ”پاور اس“ جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان رابرٽ بريٽ ويليڪو وِچ جي سربراهي ۾ دفاعي ۽ اهم بنيادي ڍانچي جي شعبي ۾ مهارت رکندڙ آمريڪي ڪمپني “پاور اس“ جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، دفاعي ٽيڪنالاجي جي اڀرندڙ رجحانن ۽ دفاعي خريداري، پيداوار ۽ سگهه ۾ اضافي لاءِ سهڪار جي راهن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر مطابق هي اهم ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي. ملاقات ۾ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز قومي سلامتي ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ ۾ فني جدت ۽ جديد حل جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ رابطن ۽ تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.









