وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران عوام لاءِ سبسڊي آساني سان حاصل ڪرڻ لاءِ انتظاميا، رضاڪارن ۽ پيٽرول پمپ جي عملي تي ٻڌل سهولت ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد - 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام جي لاءِ سبسڊي آساني سان حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتظاميا، رضاڪارن ۽ پيٽرول پمپ جي عملي تي ٻڌل سهولت ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي رجسٽريشن ۽ ٻين ضروري مرحلن ۾ هر ممڪن رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف …

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام جي لاءِ سبسڊي آساني سان حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتظاميا، رضاڪارن ۽ پيٽرول پمپ جي عملي تي ٻڌل سهولت ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي رجسٽريشن ۽ ٻين ضروري مرحلن ۾ هر ممڪن رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نار جي صورتحال جي ڏس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي سان گهٽ آمدني ۽ وچولي طبقي کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ پي ايم اسپيشل ريليف اسڪيم تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. پي ايم اسپيشل ريليف اسڪيم تحت موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين جي مالڪن کي فيول سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم عوام جي لاءِ سبسڊي آساني سان حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتظاميا، رضاڪارن ۽ پيٽرول پمپ جي عملي تي ٻڌل سهولت ڊيڪس قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ سهولت ڊيسڪ تي موجود ماڻهو اسڪيم جي مستحق شهرين جي رهنمائي ڪن، عوام کي رجسٽريشن ۽ ٻين ضروري مرحلن ۾ هر ممڪن رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي عوام ۾ اسڪيم بابت ڪنهن به قسم جي آگاهي جي لاءِ متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي فيول سبسڊي اسڪيم جي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ اسڪيم جي پائليٽ پراجيڪٽ جي افتتاح کانپوءِ هاڻي پوري ملڪ بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اسڪيم جو افتتاح ڪيو ويو آهي، ان اسڪيم کي عوام جي لاءِ انتهائي آسان بڻايو ويو آهي. فيول سبسڊي اسڪيم جي رجسٽريشن جي لاءِ رڳو چار معلومات گهربل آهن، سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، گاڏي جي نمبر پليٽ، رجسٽريشن جو صوبو ۽ گاڏي جي رجسٽريشن جي تاريخ ان اسڪيم ۾ رجسٽريشن جي لاءِ گهربل چار بنيادي معلومات آهن. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته فيول سبسڊي اسڪيم جا مڪمل تفصيل اردو ويب سائيٽ www.pmfuelrelief.pk تي دستياب آهن، ڪامياب رجسٽريشنز جي انگ ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي، اسڪيم کي ملڪ گير سطح تي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ صوبائي حڪومتون ڀرپور تعاون ڪري رهيون آهن. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر شريڪ هئا.

مزید خبریں