اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي عوام جي مشڪلاتن جي مڪمل ڄاڻ آهي، هن وقت پيٽرول تي 80 روپيا ليوي ۽ 5 روپيا ڪاربان ٽيڪس آهي، جڏهن ته عوام کي پيٽرول تي ليوي ٽيڪسز کان وڌيڪ 100 روپين جو رليف ڏنو پيو وڃي، سياسي ۽ عسڪري قيادت خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون …
وزيراعظم شهباز شريف کي عوام جي مشڪلاتن جي مڪمل ڄاڻ آهي، وزيراعظم فيول رليف اسڪيم سڄي ملڪ جي عوام لاءِ آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي عوام جي مشڪلاتن جي مڪمل ڄاڻ آهي، هن وقت پيٽرول تي 80 روپيا ليوي ۽ 5 روپيا ڪاربان ٽيڪس آهي، جڏهن ته عوام کي پيٽرول تي ليوي ٽيڪسز کان وڌيڪ 100 روپين جو رليف ڏنو پيو وڃي، سياسي ۽ عسڪري قيادت خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي دنيا مڃي ٿي. آمريڪا – ايران جنگ سبب عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، وزيراعظم فيول رليف اسڪيم سڄي ملڪ جي عوام لاءِ آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم فيول رليف اسڪيم جي حوالي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان پيٽرول تي رليف ڏيڻ جو مقصد غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجون روزاني جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي، پيٽروليم رليف اسڪيم تحت موٽرسائيڪل استعمال ڪندڙن کي هر هفتي 5 ليٽر جڏهن ته 800 سي سي تائين جون گاڏيون استعمال ڪندڙن کي هر 10 ڏينهن کانپوءِ 10 ليٽر پيٽرول ملندو. هن چيو ته هاڻي عورتون به چنگچي هلائي رهيون آهن ۽ باعزت طريقي سان پنهنجي روزي ڪمائي رهيون آهن، انهن مان هڪ زينب آهي جيڪا پنج ماڻهن تي ٻڌل خاندان سان تعلق رکي ٿي ۽ ان جا 2 ٻار آهن، هو سڄو ڏينهن چنگچي هلائي ٿي، ان کي به 20 ليٽر تي ٻه هزار روپين جو رليف ملندو. وفاقي وزير چيو ته هڪ ٻي خاندان ۾ فاروق نالي شخص پنهنجي 800 سي سي جي هڪ ننڍي گاڏي تي فيڪٽري ويندو آهي جڏهن ته ان جي گهرواري انهي گاڏي تي ٻارن کي اسڪول وٺي ويندي آهي، کين به 30 ليٽر تي ٽي هزار روپين جو رليف ملندو. وفاقي وزير چيو ته موجوده رليف پيڪيج ۾ اهڙو ناهي ته قيمتون تمام گهٽجي ويون آهن، پر جيترو به رليف ڏئي سگهجي ٿو ۽ جيڪو غريب عوام جو حق آهي، ان حق کي ادا ڪرڻ لاءِ وزيراعظم فيصلو ڪيو آهي ته سڀ کان پهرين رليف عوام کي پهچايو وڃي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي خواهش هئي ته سڀني لاءِ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ٿي وڃن ها ۽ سڀني کي رليف ملي ها، پر وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سڀ کان پهرين غريب ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي. هن چيو ته حڪومت صرف پنهنجي لاءِ نه پر پوري خطي، خطي جي امن ۽ دنيا جي امن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جنگ ختم ٿي وڃي. وفاقي وزير چيو ته هڪ وقت اهڙو هو جڏهن ماڻهو دهشتگردي جو ذڪر ڪندا هئا ته پاڪستان جو ذڪر ڪندا هئا جڏهن ته اڄ امن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته چيو ويندو آهي ته پاڪستان امن جو ضامن آهي، هي صرف پاڪستان ۾ نه ٿو چيو وڃي پر عالمي سطح تي به چيو پيو وڃي ته پاڪستان امن جو ضامن آهي. هن چيو ته پيٽرول رليف اسڪيم اسلام آباد ۾ شروع ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ ۽ چئني صوبن ۾ به اها اسڪيم لانچ ڪئي ويندي، اسڪيم مان فائدو کڻندڙن لاءِ پهرين رجسٽريشن ڪرڻي پوندي، جنهن جو طريقيڪار ٽيلي ويزن تي اشتهارن جي شڪل ۾ هلي رهيو آهي ۽ ان جي ويب سائيٽ تي به موجود آهي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن به ڪا اهڙي مشڪل ايندي جنهن ۾ ملڪ کي ڪو ڌچڪو ايندو ته حڪومت هڪ ڍال وانگر پنهنجي غريب ماڻهن آڏو بيهڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ جيترو به ٿي سگهيو رليف فراهم ڪندي.










