تيز برساتن سبب اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، مردان، صوابي، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ لاهور جي هيٺانهين علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪئي آهي ته اڱاري جي رات کان 17 سيپٽمبر دوران تيز برساتن سبب اسلام آباد/ راولپنڊي، پشاور، مردان، صوابي، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ لاهور جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي، تيز برساتن سبب دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگله، بٽگرام، بونير، مالاڪنڊ، مانسهره، ايبٽ آباد، گلگت بلتستان، ڪشمير، مري، گليات، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڊي جي …

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) موسميات کاتي تنبيهه جاري ڪئي آهي ته اڱاري جي رات کان 17 سيپٽمبر دوران تيز برساتن سبب اسلام آباد/ راولپنڊي، پشاور، مردان، صوابي، گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ لاهور جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي، تيز برساتن سبب دير، چترال، سوات، ڪوهستان، شانگله، بٽگرام، بونير، مالاڪنڊ، مانسهره، ايبٽ آباد، گلگت بلتستان، ڪشمير، مري، گليات، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڊي جي خان جي مقامي ندي/برساتي نالن ۾ چاڙهه جو به خدشو آهي، خيبر پختونخوا جي جابلو علائقن، گلگت بلتستان، مري، گليات ۽ ڪشمير ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ جو خدشو آهي، تيز برسات، ڳڙو پوڻ، آنڌاڻي ۽ وڄ ڪرڻ سبب ڪمزور تعميرن (سولر پينلز، بجلي جي ٿنبن، بل بورڊز وغيره) کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي گذريل ڏينهن اوڀر گجرات (ڀارت) جي مٿان موجود هوا جي گهٽ دٻاءُ جو نظام اولهه طرف وڌي ويو آهي ۽ اڄ اولهندي گجرات (ڀارت) ۽ ڀرپاسي ڏکڻ اوڀر سنڌ جي علائقن ۾ موجود آهي. اهو نظام ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪمزور ٿي غير اثرائتو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اولهه وارين هوائن جو سلسلو به ملڪ جي مٿانهين ۽ وچولي علائقن کي متاثر ڪري رهيو آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوارن خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، مٿانهين / وچولي پنجاب، اسلام آباد ۽ ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ تيز هوائون / آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪشمير، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ مٿانهين پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي آنڌاڻي/ تيز برسات/ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي. ملڪ جي ٻين ميداني علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. اڄ (اربع ڏينهن) خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، پنجاب، اسلام آباد ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ تيز هوائون/آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات/ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي، ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، پوٺوهار خطي، مٿانهين پنجاب ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ اڪثر هنڌن تي، جڏهن ته ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ هيٺاهين سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ آنڌاڻي ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز برسات پئي. ملڪ جي ٻين ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهِميل رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد دادو، نوڪنڊي، لسٻيلو 44، دالبندين ۽ تربت ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. 

مزید خبریں