سنڌ اسيمبلي ۾ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي بابت مخالف ڌر جي ميمبر پاران پيش ڪيل ٺهراءُ گڏيل طور منظور

ڪراچي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ اڱاري ڏينهن پرائيويٽ ميمبر ڊي جي موقعي تي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي بابت مخالف ڌر جي ميمبر پاران پيش ڪيل ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ پي ٽي آءِ جي ميمبر محمد اويس پيش ڪيو، جنهن جي حڪومت پاران مخالفت نه ڪئي وئي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته پيٽروليم شين …

ڪراچي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ اڱاري ڏينهن پرائيويٽ ميمبر ڊي جي موقعي تي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي بابت مخالف ڌر جي ميمبر پاران پيش ڪيل ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ پي ٽي آءِ جي ميمبر محمد اويس پيش ڪيو، جنهن جي حڪومت پاران مخالفت نه ڪئي وئي. سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته پيٽروليم شين جي وڌندڙ اگهن سبب عوام سخت پريشان آهي. حڪومت في ليٽر تي 100 رپين کان وڌيڪ ليوي وصول ڪري رهي آهي، اها ليوي ختم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي، ان کي گهرجي ته عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان ڳالهائي. هن ياد ڏياريو ته ماضي ۾ ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي حڪومت جي اتحادي هئي، ان وقت پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ٿيو ته پارٽي حڪومت کان ڌار ٿي وئي هئي، پر هاڻي اهي اقتدار جا مزا وٺي رهيا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪي ماڻهو وفاقي ڪابينا ۾ ويٺل آهن، انهن کي ان معاملي تي ڳالهائڻ گهرجي. اسان هن ٺهراءَ جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته پيٽروليم ليوي ختم ڪئي وڃي. وفاقي حڪومت کي پيٽروليم شين جي اگهن بابت هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. هن سوال ڪيو ته ايم ڪيو ايم جا وفاقي نمائندا پيٽرول جي مهانگائي خلاف آواز ڇو نٿا اٿارين؟ ايم ڪيو ايم وفاقي حڪومت جو حصو آهي، ان کي پيٽرول جي مهانگائي بابت پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم اقتدار جي نشي ۽ هوس ۾ عوام جون تڪليفون نظر انداز نه ڪري. هڪ رپئي جي واڌ تي اقتدار ڇڏيندڙ پارٽي اڄ خاموش آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي عوام سان ٿيندڙ زيادتي خلاف آواز اٿاري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي به عوام جي مسئلن جو احساس ڪرڻ گهرجي. پيٽرول جي مهانگائي عوام جو مسئلو آهي، ايم ڪيو ايم سميت سمورين سياسي پارٽين کي ان معاملي تي آواز اٿارڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي بابت ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪري ورتو. اسيمبلي جي ڪارروائي دوران صوبي ۾ منشيات جي وڪري بابت ايم ڪيو ايم جي ميمبر عامر صديقي جي التوا واري رٿ حڪومت جي مخالفت سبب پينل آف چيئرمين رد ڪري ڇڏي. عامر صديقي چيو ته فلاءِ اوورن ۽ پُلن جي هيٺان منشيات وڪرو ٿي رهي آهي. پيپلز پارٽي جي ميمبر هير سوهو چيو ته التوا واري رٿ ڪنهن تازي واقعي بابت هوندي آهي، تنهن ڪري هي رٿ التوا واري رٿ جي ضابطن تي پوري نٿي لهي. بعد ۾ اجلاس جمعي ڏينهن منجهند جو 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

مزید خبریں