وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حُڪم تي 26 آگسٽ تي پمز نرسري ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ جي لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي مڪمل رپورٽ جاري

اسلام آباد - 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم پاران 26 آگسٽ تي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) نرسري ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ جي لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي مڪمل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ پيشيواراڻي ۽ ميرٽ تي ٻڌل اسپتال انتظاميا، مضبوط ريگيوليٽري نگراني ۽ موثر ڪمپلائنس جي نظام کي يقيني بڻائڻ، فائر سيفٽي، انساني جانين جي تحفظ ۽ برقي حفاظت آڊٽ ڪرائڻ …

اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم پاران 26 آگسٽ تي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) نرسري ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي جاچ جي لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي مڪمل رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ پيشيواراڻي ۽ ميرٽ تي ٻڌل اسپتال انتظاميا، مضبوط ريگيوليٽري نگراني ۽ موثر ڪمپلائنس جي نظام کي يقيني بڻائڻ، فائر سيفٽي، انساني جانين جي تحفظ ۽ برقي حفاظت آڊٽ ڪرائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معلوم خطرن ۽ اڳوڻي تنبيهن کي موثر حفاظتي انتظام تبديل نه ڪرڻ تي پمز ۽ اعلى انتظاميا تي بنيادي اداراجاتي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، مقامي برقي خرابي سان باهه لڳڻ جو امڪان قوي آهي، باهه لڳڻ واري مواد ۽ آڪسيجن باهه جي شدت ۾ اضافو ڪيو، نرسري ۾ گنجائش کان وڌيڪ بارن، محدود انخلا جي صلاحيت امدادي ڪاررواين کي متاثر ڪيو. اڱاري ڏينهن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪم سان قومي صحت واري وزارت پاران اها انڪوائري رپورٽ جاري ڪئي وئي. واضح رهي ته وزيراعظم 26 آگسٽ 2026ع تي پمز جي ايم سي ايڇ نرسري ۾ باهه لڳڻ جي واقعي کانپوءِ انڪوائري ڪميٽي جوڙي هئي. ڪميٽي جو چيئرمين اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري شاهد خان جڏهن ته ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر خورشيد، بئريسٽر نبيل احمد اعواڻ، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر آءِ سي ٽي ان جي ميمبرن ۾ شامل هئا. ڊاڪٽر رشيد اي کي ماهر ميمبر جي طور تي آمريڪا مان ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو. ڪميٽي 48 ڪلاڪن ۾ عبوري رپورٽ پيش ڪئي. انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ جو زيرو ڊرافٽ 3 سيپٽمبر، پهريون ڊرافٽ 4 سيپٽمبر ۽ حتمي ڊرافٽ 6 سيپٽمبر تي تيار ڪيو ويو، ڪميٽي سمورن ميمبرن جي راءِ ۽ تجويزن کي حتمي رپورٽ ۾ شامل ڪيو. رپورٽ موجب پمز جي ايم سي ايڇ نرسري ۾ لڳندڙ باهه جي نتيجي ۾ 15 نئي ڄاول ٻارن مان 14 فوت ٿيا جڏهن ته هڪ محفوظ رهيو. جاچ ڪميٽي باهه لڳڻ جي سببن ئي نه پر ان جي سنگين نتيجن ۽ تباهي آڻيندڙ صورت اختيار ڪندڙ عمل جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو. جاچ ڪميٽي جون سفارشون ۽ نتيجا 52 نقاطي منظم جاچ جي بنياد تي جوڙيا ويا، جاچ ۾ فرانزڪ ثبوت، سي سي ٽي وي، ڪال رڪارڊز ۽ انجنيئرنگ ۽ هيبيٽننس دستاويزن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪميٽي طبي ۽ حادثاتي رڪارڊ، ڊيوٽي ۽ حاضري رڪارڊ ۽ گواهن جي بيانن، ريگيوليٽري رڪارڊ ۽ اڳوڻي جاچ مان به مدد ورتي. سي سي ٽي وي رڪارڊ سان پمز نرسري ۾ هنگامي صورتحال جي غيرمعمولي سرعت سان پيدا ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اٽڪل 6 لڳي 38 منٽن وڳي باهه واضح طور تي ڀڙڪي چڪي هئي، فرنٽ لائين عملي امڪاني ڪارروائي ڪئي، چارج نرس نسرين اختر، سيڪيورٽي گارڊ ماريه سليم ۽ اسٽاف نرس رضيه نورين ڪجهه ئي لمحن ۾ ٻارن کي بچائڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪئي. جاچ رپورٽ موجب نرس رضيه نورين هڪ نئين ڄاول ٻار کي بچايو ۽ ٻيهر نرسري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊاڪٽر محمد عبدالرحمان پڻ باهه لڳڻ جي وقت موقعي تي موجود رهيو، اٽڪل 6 لڳي 39 منٽن تي گهري دونهين سي سي ٽي وي ڪئميرا جي منظرڪشي کي مڪمل طور تي متاثر ڪري ڇڏيو، ثبوت ان عمومي الزام جي ترديد ڪن ٿا ته فرنٽ لائين عملي نئين ڄاول ٻارن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو. جاچ رپورٽ موجب سنگين حالتن ۾ ڪيترن ئي اهلڪارن فوري ۽ بهادري سان ممڪن ڪارروائي ڪئي، نيشنل فرانزڪ ايجنسي جي مضبوط ترين فني ثبوتن موجب باهه لڳڻ جي سڀ کان وڌيڪ ممڪن جڳهه اي سي يونٽ نمبر 1 جي ويجهو موجود اي سي يونٽ نمبر 2 جي بجيل جي ڪيبل هئي. رپورٽ موجب ممڪن طور تي غيرمعمولي مقامي برقي حرارت، وڌيڪ ڪرنٽ، وڌيڪ مزاحمت واري ڪنيڪشن يا ڪنهن مقامي برقي نقص جي ڪري پيدا ٿي جنهن ڪيبل انسوليشن کي متاثر ڪيو ۽ ويجهو موجود آتش گير مواد کي باهه لڳي وئي، ثبوت  آتش زني، هڪ کان وڌيڪ جاين تان باهه لڳڻ جي امڪان، آئيسڪو پاران ڪنهن ٻاهرئين برقي خرابي کي باهه لڳڻ جو سبب قرار ڏيڻ يا باهه لڳڻ کان اڳ آڪسيجن جي اخراج جي امڪان جي تائيد نه ٿا ڪن، انڪيوبيٽر يا وارمر کي باهه لڳڻ جو ذريعو قرار ڏيڻ جا ثبوت موجود نه آهن. جاچ رپورٽ موجب انڪوائري موجب باهه لڳڻ جو سڀ کان وڌيڪ ممڪن سبب برقي نوعيت جي خرابي هئي، برقي خرابي جي درست نوعيت ۽ ان جي روڪٿام ۾ ذميوار ماڻهو يا اداري جو تعين جدا سان ڪرڻ ضروري آهي. هيبيٽننس رڪارڊ موجب نرسري جي اي سي يونٽس جي سروسنگ ڪئي وئي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رڪارڊ ڪيبلز، ٽرمينيشنز، انسوليشن، ارٿنگ ۽ بريڪر پروٽيڪشن جي جامع برقي حفاظتي جاچ جو موثر نظام موجود نه آهي، اهم ڳالهه آهي ته برقي اوزارن جو فعال هجڻ ان ڳالهه جي مترادف نه آهي ته ان جي برقي تنصيب به باهه کان مڪمل طور تي محفوظ هئي. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ثبوتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اوزارن کي فعال رکڻ ۽ انهن جي مڪمل حفاظت يقيني بڻائڻ جي وچ ۾ اهم اداراجاتي خال موجود هو. نرسري جي حساس صورتحال باهه جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو، 10 بسترن جي يونٽ ۾ 15 طبي طور تي انتهائي نازڪ نوان ڄاول ٻار علاج هيٺ هئا، ڪيترائي نوان ڄاول ٻار آڪسين يا ساهه کڻڻ تي دارومدار ڪري رهيا هئا جيتوڻيڪ انهن کي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪرڻ ايڏو تڪڙو ممڪن نه هو. ان موقعي تي رڳو ٻه ڊاڪٽر ۽ ٻه نرسون موجود هئا ۽ محفوظ انخلا جا وسيلا به تمام محدود هئا، نرسري جي لاءِ باقاعده طور تي منظور ٿيل، تربيت يافته عملي جي ذريعي مشق  شده ۽ نئين ڄاول بارن جي انخلا جي ايس او پيز جو ڪو رڪارڊ نه مليو. جاچ رپورٽ موجب متاثر حصي ۾ خودڪار دونهين جو پتو لڳائڻ، الارم يا اسپرنڪلر سسٽم جي موجودگي ثابت نه ٿي، آتش گير مواد ۽ آڪسيجن واري ماحول باهه ۽ دونهين جي شدت ۾ بي پناهه اضافو ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فرنٽ لائين عملي باهه لڳڻ جي ڪجهه سيڪنڊز ۾ ڪارروائي ڪئي، سي اي ايس رڪارڊ موجب ايڪسٽرنل نوٽيفڪيشن (ٻاهرئين امداد) 6 لڳي 54 منٽن جڏهن ته ڊسپيچ 6 لڳي 55 منٽن ۽ آپريشنل آمد 7 لڳي 10 منٽن تي ثابت ٿئي ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بنيادي ڳڻتي 6 لڳي 38 منٽن تي باهه جي ظاهر ٿيڻ ۽ ٻاهرئين امداد جي فعال ٿيڻ جي وچ جو وقفو ناقابل قبول آهي، پمز ڪو آزمايل حادثا ڪمانڊ سسٽم قائم ڪرڻ جو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو جيڪو باهه جي نشاندهي ٿيندي ئي فوري طور تي الارم، ٻاهرئين اطلاع، انخلا، خطري جي روڪٿام، پهچ جي انتظام ۽ ٺوس امدادي ڪارروائي کي فعال ڪري سگهي. جاچ رپورٽ موجب پمز نرسري جو سانحو معلوم شده پر مڪمل طور تي نظرانداز ڪيل خطرن جي پس منظر ۾ پيش آيو، جيڪو اسپتال انتظاميا کان اڳواٽ منصوبابندي جو گهرجائو هو، سي ڊي اي جي اڳوڻي لکپڙهه ۽ وفاقي محتسب جي 2015ع جي سفارشن ۾ خامين جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پمز 2025ع ۾ ئي فرسوده فائر سيفٽي انفراسٽرڪچر جو اعتراف ڪيو هو، 6 جولاءِ 2026ع تي نرسنگ هاسٽل ۾ لڳندڙ باهه ۾ اڳ ۾ ئي باهه جو وقت سر پتو لڳائڻ، الارم، برقي معائنو، انخلا، باهه وسائڻ جي اوزارن، فائر ڊرلز ۽ هنگامي منصوبابندي ۾ موجود خامين جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. انڪوائري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي تنبيهن کي نرسري سانحي کان اڳ جامع، مقرر مدي ۽ آزاداڻي طور تي تصديق ٿيل سڌاراجاتي پروگرام ۾ تبديل نه ڪيو ويو، اي سي يونٽ نمبر 2 جي خصوص خرابي وقت کان اڳ متعين نه به ٿي هجي، موثر فائر سيفٽي جي لاءِ ٺوس ۽ مضبوط تياري جي ضرورت واضح هئي جنهن کي اسپتال انتظاميا يڪسر نظرانداز ڪيو، انڪوائري ڪميٽي موجب ان معاملي ۾ نظامي ۽ اداراجاتي ناڪامي ثابت ٿي جڏهن ته انفرادي ذميواري جو تعين دستياب ثبوتن جي بنياد تي لاڳاپيل قاعدن موجب ڪيو ويندو، معلوم خطرن ۽ اڳوڻي تنبيهن کي موثر حفاظتي نظام ۾ تبديل نه ڪرڻ تي پمز ۽ اعلى انتظاميا تي بنيادي اداراجاتي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. سيڪيورٽي چين جا فرض بلڪل واضح آهن پر ان موجب ايس او پيز موجود نه آهن. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته طبي عملي جي لازمي موجودگي يا نگراني اهم آهي. انجنيئرنگ، برقي ۽ ايڇ وي اي سي جي هيبيٽيننس ۽ ريپيئر جا معاملا وڌيڪ جاچ موجب باهه لڳڻ جو غالبن ذريعو اي سي يونٽ نمبر 2 جو برقي انتظام هو، ڪنٽريڪٽرز جي ذميواري جو تعين رڳو انهي مخصوص ڪيل حقيقي فرضن ۽ وڌيڪ جاچ جي بنياد ڪيو وڃي. انڪوائري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موجوده رڪارڊ جي بنياد تي ڪنهن نامزد شخص جي خلاف فوجداري ڏوهه جو ارتڪاب ثابت نه ٿو ٿئي، جيڪو وڌيڪ فوجداري جاچ جو گهرجائو آهي، ثبوت چار ممڪن رخن تي اهڙي وڌيڪ جاچ جي نشاندهي ڪن ٿا. جاچ رپورٽ موجب اي سي يونٽ نمبر 2 جي برقي تنصيب يا هيبيٽيننس ۾ قابل مواخذو غفلت، لازمي هنگامي رستي ۾ قابل مواخذه رڪاوٽ، مخصوص اڳوڻي تنبيهه جي باوجود ڪارروائي ۾ ناڪامي ۽ ٻاهرئين امداد طلب ڪرڻ ۾ ثابت ٿيل قابل مواخذه دير جي وڌيڪ فوجداري جاچ ڪئي وڃي. فوجداري ذميواري جي تعين جي لاءِ لاڳاپيل فرضن، خطري کان آگاهي، ڪارروائي جو اختيار، غفلت جي نوعيت ۽ شدت، ناڪام حفاظتي قدم ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪردار ۽ قابل لاڳو قانون تحت ڏوهه جي عنصرن جو فوجداري جاچ ۾ احاطو ضروري آهي. جن فرنٽ لائين اهلڪارن جي امدادي ڪارورائي ثبوتن سان ثابت آهي، انهن تي رڳو ان جي لاءِ الزام نه هڻڻ گهرجي ته سانحي جا نتيجا انتهائي تباهي آڻيندڙ هئا. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انڪوائري ڪميٽي فوري فائر سيفٽي، انساني جانين جي تحفظ ۽ برقي حفاظتي آڊٽ ڪرائڻ جي سفارش ڪئي آهي، فائر ڊيٽيڪشن، الارم، باهه وسائڻ ۽ محفوظ انخلا جو موثر نظام يقيني بڻائڻ جي پڻ سفارش موجود آهي، نئين ڄاول ٻارن جي انخلا جي لاءِ مخصوص ايس او پي ۽ حقيقت پسنداڻي فائرو ايويڪيويشن ڊرلز ڪرائڻ جي سفارش ڪئي اهي، برقي حفاظتي قدمن ۽ اثاثن جي حفاظت جي لاءِ موثر انتظامي نظام قائم ڪيو وڃي. ڪميٽي قرار ڏنو ته پيشيواراڻي ۽ ميرٽ تي ٻڌل اسپتال انتظاميا، مضبوط ريگيوليٽري نگراني ۽ موثر ڪمپلائنس جي نظام کي يقيني بڻايو وڃي جنهن ۾ هر خامي جي لاءِ ذميوار آفيسر، مقرر مدي، گهربل وسيلن، عبوري حفاظتي قدمن، آزاداڻي تصديق ۽ ضابطه تڪميل جو واضح طريقيڪار موجود هجي، ڪنهن قدم جو رڳو منظور يا عمل هيٺ هجڻ ان جي لاڳو جو ثبوت نه آهي، حفاظتي قدم انهي وقت لاڳو تصور ٿيندو جڏهن خطرو عملي طور تي ختم ٿئي ۽ ان جي آزاداڻي طور تي تصديق به ٿي وڃي. ڪميٽي قرار ڏنو ته مقامي برقي خرابي سان باهه لڳڻ جو امڪان قوي آهي، آتش گير مواد ۽ آڪسيجن باهه جي شدت ۾ اضافو ڪيو، نرسري ۾ گنجائش کان وڌيڪ ٻارن، محدود انخلا جي صلاحيت امدادي ڪاررواين کي متاثر ڪيو، نئين ڄاول ٻارن جي لاءِ باقاعده مشق شده هنگامي نظام جي عدم موجودگي ريسڪيو کي محدود ڪيو، اداراجاتي سطح تي هنگامي ڪارروائي ۾ دير ردعمل کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو. انڪوائري ڪميٽي قرار ڏنو آهي ته ڊگهي عرصي کان موجود انتظامي هيبيٽيننس ۽ ريگيوليٽري خامين مختلف ڪمزورين کي برقرارر هڻ ڏنو، 14 نوان ڄاول ٻار رڳو هڪ حفاظتي انتظام جي ناڪامي سان نه پر ڪيترن ئي حفاظتي قدمن جي موجود نه هجڻ، ڪمزور هجڻ، وقت سر فعال نه هجڻ يا انهن جي موثر هجڻ جي ڪڏهن تصديق نه ڪرڻ جي ڪري فوت ٿيا. ڪميٽي نئين ڄاول ٻارن جي انخلا ۽ فائر ۽ لائيف سيفٽي گهرجن تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو، انڪوائري ڪميٽي انفرادي ۽ اداراجاتي ذميواري جي تعين ۽ سڌاراجاتي قدمن جون سفارشون تيار ڪيون، انڪوائري رڳو باهه لڳڻ جي جڳهه جي نشاندهي تائين محدود نه هئي، مڪمل حفاظتي نظام جو جائزو ورتو ويو. رپورٽ موجب ڪميٽي روڪٿام، تياري، ڊيٽيڪشن، اطلاع، انخلا، امداد، نگراني ۽ جوابدهي جي مڪمل سلسلي جو جائزو ورتو. ڪميٽي 52 نقاطي منظم جاچ فريم ورڪ تحت سببن ۽ جوابدهي جو جائزو ورتو. ڪميٽي ثابت شده حقيقت، ممڪن ٽيڪنيڪي نتيجي، بادي النظر ذميواري ۽ حل طلب معاملي ۾ فرق رکيو. ماهر فرانزڪ ثبوتن جي موجودگي ۾ شروعاتي گواهن جي بيانن کي فني ثبوت نه سمجهيو ويو.

مزید خبریں