آمريڪا جديد هٿيارن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي: صدر ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن-15 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ٽوما هاڪ ڪروز ميزائيلن، ٿاڊ ميزائل ڊفينس سسٽمز ۽ پيٽرياٽ فضائي دفاعي نظام جي پيداوار ۾ اضافو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن  سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مون کي هڪ رپورٽ ملي آهي ته آمريڪا پنهنجي تاريخ جي ڪنهن به وقت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اعليٰ ۽ بهترين هٿيار تيار ڪري رهيو آهي. اهي …

واشنگٽن-15 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ٽوما هاڪ ڪروز ميزائيلن، ٿاڊ ميزائل ڊفينس سسٽمز ۽ پيٽرياٽ فضائي دفاعي نظام جي پيداوار ۾ اضافو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن  سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مون کي هڪ رپورٽ ملي آهي ته آمريڪا پنهنجي تاريخ جي ڪنهن به وقت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اعليٰ ۽ بهترين هٿيار تيار ڪري رهيو آهي. اهي هٿيار روزانو جي بنياد تي وچ اوڀر ۽ ٻين علائقن ۾ اسان جي فوج کي فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ان پيداوار ۾ بنيادي ڌيان پيٽرياٽ، ٿاڊ سسٽمز، ٽوماهاڪس ۽ ٻين اسٽينڊرڊ ميزائل سسٽمز تي آهي، جن جو اسان وٽ اڳ ئي وڏو ذخيرو موجود آهي.  اي پي پي/ م – ر/ م – ش / ج – پ 16:22

مزید خبریں