صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر پاران ڪڍڻ شهر جو دورو، ناقص ڪارڪردگيءَ تي ٽائون آفيسر ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جو انچارج فوري طور آفيس طلب

بدين- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر بدين ضلعي جي شهر ڪڍڻ جو دورو ڪري عوام کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو، ناقص ڪارڪردگيءَ تي ٽائون آفيسر ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انچارج کي فوري طور آفيس طلب ڪري ورتو، جڏهن واٽر سپلاءِ جي اسڪيم ۽ اسڪول جو دورو ڪري سخت هدايتُون ڏنيُون. صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر بدين ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو عوامي …

بدين- 15 سيپٽمبر (اي پي پي) صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر بدين ضلعي جي شهر ڪڍڻ جو دورو ڪري عوام کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو، ناقص ڪارڪردگيءَ تي ٽائون آفيسر ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي انچارج کي فوري طور آفيس طلب ڪري ورتو، جڏهن واٽر سپلاءِ جي اسڪيم ۽ اسڪول جو دورو ڪري سخت هدايتُون ڏنيُون. صوبائي محتسب اعليٰ جي ريجنل ڊائريڪٽر بدين ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو عوامي شڪايتن ۽ شهرين کي درپيش مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪڍڻ شهر جو دورو ڪيو جتي پبلڪ هيلٿ کاتي جي چئن واٽر فلٽر پلانٽن جي مڪمل طور تي بند هجڻ ۽ سمورن فلٽر پلانٽن تان عملي جي غيرحاضري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پبلڪ هيلٿ کاتي جي ناقص ڪارڪردگي تي سخت ناراضگي ظاهر ڪئي. هن پبلڪ هيلٿ کاتي جي انچارج کي فوري طور صوبائي محتسب اعليٰ جي آفيس بدين ۾ طلب ڪري ورتو، ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو ڪڍڻ هاءِ اسڪول جو پڻ دورو ڪيو، جتي پيئڻ جي پاڻي لاءِ لڳل فلٽر خراب حالت ۾ هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر کي هدايت ڪئي ته اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ مان ترت نئون واٽر فلٽر لڳرائي شاگردن لاءِ صاف ۽ صحت بخش پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ جي آفيس جي دوري دوران ٽائون آفيسر، ڪلارڪ سميت سمورو عملو غيرحاضر هُجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٽائون ڪميٽي جي ڪارڪردگي بابت پڻ تفصيلي ڄاڻ حاصل ڪئي. ان کانپوءِ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ ڪڍڻ شهر جي واٽر سپلاءِ جو دورو ڪيو، جتي پيئڻ جي پاڻي واري تلاءَ ۾ گندگي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته شهرين کي صاف ۽ محفوظ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ فوري ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ پاڻي جي ذخيرن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته هن ٽائون آفيسر ڪڍڻ کي پڻ پنهنجي آفيس ۾ طلب ڪري ورتو. بعد ۾ هن رورل هيلٿ سينٽر ڪڍڻ جو پڻ دورو ڪيو، جتي موجود شهرين ۽ مريضن پاران اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ بابت شڪايتون ڪيون ويون. شهرين ٻڌايو ته ڏينهن جي وقت ڊاڪٽر موجود هوندا آهن، پر رات جي وقت اسپتال ۾ ڊاڪٽر موجود نه هجڻ سبب ڪڍڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان ايندڙ مريضن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ لاڳاپيل صحت کاتي جي عملدارن کان صورتحال بابت معلومات حاصل ڪئي ڊاڪٽر نسيم الغني سهتو چيو ته سرڪاري ادارن جو بنيادي فرض عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي مسئلن جو بروقت ازالو ڪرڻ آهي، ان ڪري ڪنهن به اداري جي غفلت، غيرحاضري يا ناقص ڪارڪردگي کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن لاڳاپيل عملدارن کي عوامي مسئلن جي حل ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ان موقعي تي اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رسول بخش ميمڻ، صوبائي محتسب اعليٰ آفيس بدين جو رجسٽرار رضا محمد دل ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.

مزید خبریں