لاڙڪاڻو-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي حد سانول سم شاخ واري علائقي ۾ ذاتي دشمني جي بنياد تي ڪڙيو ذات جي ٻن ڄڻن جي قتل جو ايس ايس پي اظهر خان مغل نوٽيس ورتو ۽ واقعي واري هنڌ پهچي جاءِ واردات جو معائني ڪيو ۽ لاڳاپيل ايس ڊي پي او اي ايس پي سيد حيدر علي شاهه سميت ايس ايڇ او ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻو سب …
ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڄڻن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس ورتو

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-15 سيپٽمبر (اي پي پي) ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي حد سانول سم شاخ واري علائقي ۾ ذاتي دشمني جي بنياد تي ڪڙيو ذات جي ٻن ڄڻن جي قتل جو ايس ايس پي اظهر خان مغل نوٽيس ورتو ۽ واقعي واري هنڌ پهچي جاءِ واردات جو معائني ڪيو ۽ لاڳاپيل ايس ڊي پي او اي ايس پي سيد حيدر علي شاهه سميت ايس ايڇ او ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻو سب انسپيڪٽر محمد صديق بروهي کان واقعي بابت تفصيل معلوم ڪندي لاڳاپيل آفيسرن کي جوابدارن جي هر صورت ۾ گرفتاري يقيني بڻائڻ جا حڪم ڏنا. پوليس ترجمان موجب واقعو مقتولن ۽ کوکر برادري سان تعلق رکندڙ جوابدارن جي وچ ۾ ذاتي دشمني جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي.











