سيئول _15 سيٽمبر (اي پي پي ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان روس سان گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي صدر ولاديمير پيوٽن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم جونگ ان گذريل ڏينهن روس جي صدر جي اتر ڪوريا جي 78هين يوم تاسيس تي مبارڪن جي جواب ۾ چيو ته پيانگ يانگ روس سان دوستي، گڏيل سهڪار ۽ ٻنهي …
اتر ڪوريا پاران روس سان گڏيل سهڪار وسيع ڪرڻ جي عزم جو اظهار

مزید خبریں
سيئول _15 سيٽمبر (اي پي پي ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان روس سان گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي صدر ولاديمير پيوٽن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪم جونگ ان گذريل ڏينهن روس جي صدر جي اتر ڪوريا جي 78هين يوم تاسيس تي مبارڪن جي جواب ۾ چيو ته پيانگ يانگ روس سان دوستي، گڏيل سهڪار ۽ ٻنهي ملڪن جي اتحادي لاڳاپن جي بنياد تي جامع سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. ڪم جونگ ان چيو ته کيس يقين آهي ته روس پنهنجي ملڪ جي سلامتي مفادن ۽ عالمي انصاف جي دفاع جي موجوده مقدس جنگ ۾ فتح حاصل ڪندو. هن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ روس جي عوام لاءِ پنهنجي اڻٽٽ حمايت جو به اظهار ڪيو.











