ڊينگي مڇر جي خاتمي لاءِ اسان جون ڪوششون مسلسل جاري آهن: ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير غلام حسين

حيدرآباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير غلام حسين چيو آهي ته ڊينگي مڇر جي خاتمي لاءِ اسان جون ڪوششون مسلسل جاري آهن, حيدرآباد ۾ لطيف آباد 11 نمبر جي اماني شاه ڪالوني واري علائقي جي ڪجهه گهرن ۾ ڊينگي مڇرن ۽ انهن جي بيدن جي نشاندهي ٿي آهي شهرين کي گهرجي ته اهي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي گهرن ۾ صاف پاڻي بيهڻ نه ڏين جيڪڏهن …

حيدرآباد-14 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر پير غلام حسين چيو آهي ته ڊينگي مڇر جي خاتمي لاءِ اسان جون ڪوششون مسلسل جاري آهن, حيدرآباد ۾ لطيف آباد 11 نمبر جي اماني شاه ڪالوني واري علائقي جي ڪجهه گهرن ۾ ڊينگي مڇرن ۽ انهن جي بيدن جي نشاندهي ٿي آهي شهرين کي گهرجي ته اهي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي گهرن ۾ صاف پاڻي بيهڻ نه ڏين جيڪڏهن صاف پاڻي ڊرمن يا ٻين ٿانون ۾ ڀري رکڻ ضروري آهي ته انهن کي چڱي طرح سان ڍڪي رکيو وڃي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڊينگي مڇرن بابت جاڳرتا پروگرام جي سلسلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊينگي مڇرن کان بچاءَ جو واحد طريقو اهو ئي آهي ته گهرن اندر ڪٿي به صاف پاڻي گڏ ٿيڻ نه ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته ڊينگي مڇر گدلي پاڻي بدران صاف پاڻي ۾ ئي پيدا ٿئي ٿو. هن چيو ته گهرن جي ٽانڪين کي ڍڪي رکيو وڃي. فرج مان ٽپڪندڙ پاڻي جيڪو هڪ پليٽ ۾ گڏ ٿيندو آهي ان جي صفائي کي يقيني بنايو وڃي ، ايئر ڪنڊيشنر جي پاڻي کي به فرش تي نه وهايو وڃي. ان قسم جي احتياطي تدبيرن سان ڊينگي مڇرن کان بچاءُ ممڪن آهي. هن  چيو ته ڊينگي مڇر شهرن ۾ ئي پيدا ٿئي ٿو ٻهراڙين ۾ ناهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڊينگي بخار ۾ مبتلا ٿي وڃي ته اهو عطائي ڊاڪٽرن بدران مستند ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائي. هن چيو ته ڊينگي بخار جو علاج صبح، منجهند ۽ شام جو ٻه ٻه گوريون پيناڊول کائڻ سان ٿئي ٿو. ان کان علاوه ڪا به دوا استعمال نه ڪرڻ گهرجي ان سان مرض کي وڌيڪ خطرناڪ تڪليف ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته گذريل سال ڊيگي جا ڪافي ڪيس سامهون آيا هئا ان ڪري هن دفعي اسان جون مهيني کان ئي ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن ته ڊينگي مڇر جو خاتمو ممڪن بنائي سگهجي ان لاءِ شهرين ۾ جاڳرتا پيدا ڪري رهيا آهيون ته اهي پاڻ کي ڪهڙي ريت ڊينگي مڇرن کان بچائي سگهن ٿا ان موقعي تي هن شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪيل سروي دوران لطيف آباد جي اماني شاه ڪالوني جي هڪ گهر ۾ موجود پاڻي ۾ پيدا ٿيل ڊينگي مڇرن واري وڊيو به صحافين کي ڏيکاري. هن چيو ته وقت سر قدم کڻي انهن مڇرن جو خاتمو ڪيو ويو. ٻي صورت ۾ اهي سڄي لطيف آباد کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي سگهيا پئي. هن شهرين کي صلاح ڏني ته جن جي گهرن جي پاڻي جي ٽانڪين جا ڍڪڻ کليل آهن اهي ان پاڻي جي مٿان ٿورو سرنهن جو تيل هاري ڇڏين ته ڊينگي مڇر ٽانڪي مان ٻاهر نه نڪري سگهندو ۽ اتي ئي مري ويندو.