اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي پاڪستان – نيپال ڀوٽان پارلياماني فرينڊشپ گروپ جو هڪ اهم اجلاس ڪنوينر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي سربراهي هيٺ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ نيپال جي سفير ريتا دهيتال خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ پارلياماني ۽ عوامي سطح تي رابطا وڌائڻ تي تفصيلي …
نيپال پارلياماني فرينڊشپ گروپ جو نيپالي سفير سان هڪ اهم اجلاس، ٻطرفي واپار جي بحالي تي زور
اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي پاڪستان – نيپال ڀوٽان پارلياماني فرينڊشپ گروپ جو هڪ اهم اجلاس ڪنوينر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي سربراهي هيٺ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ نيپال جي سفير ريتا دهيتال خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ پارلياماني ۽ عوامي سطح تي رابطا وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي فرينڊشپ گروپ جي ميمبرن شهزاده محمد گشتاسپ خان، فرح ناز اڪبر، شائسته خان، اسفنديار ايم ڀنڊارا، بئريسٽر دانيال چوڌري ۽ ڊاڪٽر درشن پڻ موجود هئا. ڪنوينر ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي نيپالي سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ نيپال جي وچ ۾ گهرا ثقافتي، تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن. هن زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي عوام ۽ پارليامينٽن کي ويجهو آڻڻ جي لاءِ باقاعده رابطا لازمي آهن ۽ واپار، سيڙپڪاري، تعليم، سياحت، ثقافت، آءِ ٽي ۽ نوجوانن جي گڏيل مٽاسٽا جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. نيپال جي سفير ريتا دهيتال پرخلوص استقبال تي ٿورا ادا ڪيا ۽ تعليم، موسمياتي تبديلي، سياحت ۽ واپار جي شعبن ۾ جاري گڏيل تعاون کي ساراهيندي ڪاروباري برادري جا سڌوسنئون رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ٻنهي طرفن کان پارلياماني وفدن جي دورن ۽ ورچوئل رابطن کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطا بحال ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو ته جيئن مذهبي ۽ مهم جوئي جي سياحت سان گڏوگڏ ٻطرفي واپار کي فروغ ملي سگهي. شرڪت ڪندڙن هماليائي خطي جي گڏيل جاگرافيائي، جبل چڙهڻ جي روايتن ۽ پاڪستان ۽ نيپال ۾ موجود ٻڌمت جي مذهبي جاين کي گڏيل لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. آخر ۾ ڪنوينر تعميري ڳالهه ٻولهه تي سفير جا ٿورا ادا ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هي اجلاس ٻنهي ڀائر ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ بلندين تائين وٺي ويندو.











