گهرو وزير پاران بلوچستان ۾ 5 پورهيتن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي سرانان ۾ 5 پورهيتن جي بيدرديءَ سان قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مقتولن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته بيگناهه پورهيتن کي نشانو بنائڻ وحشياڻي درندگيءَ جي انتها آهي، فتنه الهندستان جا دهشتگرد بوکلاهٽ جو شڪار …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي سرانان ۾ 5 پورهيتن جي بيدرديءَ سان قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مقتولن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته بيگناهه پورهيتن کي نشانو بنائڻ وحشياڻي درندگيءَ جي انتها آهي، فتنه الهندستان جا دهشتگرد بوکلاهٽ جو شڪار ٿي سافٽ ٽارگيٽس کي نشانو بڻائي رهيا آهن. محسن نقوي واضح ڪيو ته بيگناهه پورهيتن تي بزدلاڻو حملو بلوچستان ۾ تعمير ۽ ترقيءَ جي عمل کي نقصان پهچائڻ ۽ روزگار جا موقعا روڪڻ جي ناپاڪ سازش آهي. هن چيو ته تعميراتي ڪم ۾ مصروف هٿين خالي پورهيتن جو رت وهائندڙ دهشتگرد سفاڪ وحشي آهن ۽ اهڙا عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن.