اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن (ايس پي آر) جي فيزيبلٽي اسٽڊي جو ڪڪ آف اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ عالمي توانائي ڪنسلٽنسي ميسرز ووڊ ميڪ ڪينزي پاڪستان ۾ اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي فزيبلٽي اسٽڊي جو ٽينڊر کٽي ورتو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي فيزيبلٽي اسٽڊي لاءِ ووڊ ميڪ ڪينزي جي چونڊ …
پيٽروليم واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي فيزيبلٽي اسٽڊي جو ڪڪ آف اجلاس
اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن (ايس پي آر) جي فيزيبلٽي اسٽڊي جو ڪڪ آف اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ عالمي توانائي ڪنسلٽنسي ميسرز ووڊ ميڪ ڪينزي پاڪستان ۾ اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي فزيبلٽي اسٽڊي جو ٽينڊر کٽي ورتو. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي فيزيبلٽي اسٽڊي لاءِ ووڊ ميڪ ڪينزي جي چونڊ چٽاڀيٽي ٽينڊر ذريعي ڪئي وئي جنهن ۾ 4 واڪ مليا. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي اسٽڊي جي دائره ڪاري ۽ مقصدن تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته اسٽڊي جي مُدي ۽ طريقيڪار تي به اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته وفاقي حڪومت توانائي جي تحفظ کي قومي سلامتي سان ڳنڍيل سمجهندي توانائي جي شعبي ۾ سڌارا ۽ قدم جاري رکيا آهن. توانائيءَ جي فراهمي کي مستحڪم بنائڻ ۽ پرڏيهي عملن سبب پيدا ٿيندڙ سپلاءِ ۾ رنڊڪ جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ موجوده حڪومت جي اهم ترجيح آهي. هن چيو ته آبناءِ هرمز جي تازي بحران سپلاءِ ۾ امڪاني رنڊڪ خلاف ملڪي بفرز ۽ توانائيءَ جي تحفظ کي مضبوط بنائڻ جي ضرورت وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏي آهي. اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جا قدم امڪاني سپلاءِ شاڪس لاءِ ملڪ جي تياري مضبوط بنائڻ جي طريقن جو جائزو وٺڻ طرف اهم قدم آهن. اي سي سي وڏي عالمي آئل پليئرز لاءِ عالمي معيار جي بانڊڊ اسٽوريج اسڪيم جي پهرين ئي منظوري ڏئي چڪي آهي. علي پرويز ملڪ چيو ته اسٽڊي ڪرائڻ جو مقصد حڪومت کي ڪنهن وڏي اسٽريٽجڪ قدمن کان اڳ باخبر ۽ شاهدين تي ٻَڌل فيصلي ڪرڻ جي قابل بنائڻ آهي. هن زور ڀريو ته اسٽڊي ۾ پاڪستان جي ضرورتن موجب عمل جوڳو ۽ عملي حل پيش ڪيو وڃي ۽ اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي مرحليوار ترقي سميت موزون ترين طريقيڪار طئي ڪيو وڃي. ووڊ ميڪينزي جي ٽيم چيو ته پاڪستان لاءِ خاص ڪري عالمي توانائيءَ جي بدلجندڙ منظرنامي ۽ تازي سپلاءِ ۾ رنڊڪ جي روشني ۾ توانائي سلامتي تي ڪم ڪرڻ جو اهو موزون وقت آهي. ٽيم چيو ته اسٽڊي ۾ پاڪستان جي خاص ضرورتن ۽ حالتن کي نظر ۾ رکندي هڪ عملي حل تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. اسٽڊي ۾ ڄاڻايل اسٽريٽجڪ اسٽوريج سهولتن جي فني فيزيبلٽي، سلامتي، حفاظت ۽ آپريشنل جائزي، عالمي ۽ علائقائي معيارن، پاليسي ۽ ريگيوليٽري گهرجن ۽ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مُدي جي آپشنز جو جائزو ورتو ويندو. ان کان علاوه قانوني، ريگيوليٽري، مالياتي، واپاري ۽ اداره جاتي انتظامن خاص ڪري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي امڪاني ماڊلز جو به جائزو ورتو ويندو. اسٽڊي ۾ موجوده انفراسٽرڪچر جو به جائزو ورتو ويندو جنهن کي اسٽوريج لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ڪنيڪٽوٽي ۽ لاجسٽڪس جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي سيڙپڪاريءَ جي خرچن، فنانسنگ جا آپشنز، عملدرآمد جي ٽائيم لائنز ۽ پاڪستان ۾ اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي مرحليوار ترقيءَ لاءِ اداره جاتي ذميدارين جا ڪاٿا به پيش ڪيا ويندا. وفاقي وزير سمورين لاڳاپيل ڌُرين کي ووڊ ميڪينزي سان مڪمل سهڪار ڪرڻ ۽ گهربل ڊيٽا ۽ فني ڄاڻ وقت سر فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اسٽڊي، طئي ٿيل ٽائم لائنز جي اندر مڪمل ٿئي ۽ مستقبل جي پاليسي فيصلن لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾ اڳڀرائيءَ جو باقاعدگيءَ سان جائزو وٺڻ لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي ويندي. اجلاس ۾ ووڊ ميڪينزي، اي آر ايل، پائيڊ، جي ايڇ پي ايل، سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ جي نمائندن شرڪت ڪئي.











