فتنه الهندستان جي دهشتگردن پاران بلوچستان جي ترقيءَ خلاف عوام دشمن ايجنڊا هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب، 5 غير مقامي پورهيت شهيد

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) فتنه الهندستان جي دهشتگردن پاران بلوچستان جي ترقيءَ خلاف عوام دشمن ايجنڊا هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ٿي وئي، روزگار  جي اِرادي سان بلوچستان جي علائقي سرانان ۾ آيل 5 غير مقامي پورهيتن کي فتنه الهندستان بيدرديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو. شروعاتي اطلاعن موجب 5 غير مقامي پورهيت سرانان ۾ فروٽ جي واپار جي ارادي سان آيا هئا، جنهن کي فتنه الهندستان جي …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) فتنه الهندستان جي دهشتگردن پاران بلوچستان جي ترقيءَ خلاف عوام دشمن ايجنڊا هڪ ڀيرو ٻيهر بي نقاب ٿي وئي، روزگار  جي اِرادي سان بلوچستان جي علائقي سرانان ۾ آيل 5 غير مقامي پورهيتن کي فتنه الهندستان بيدرديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو. شروعاتي اطلاعن موجب 5 غير مقامي پورهيت سرانان ۾ فروٽ جي واپار جي ارادي سان آيا هئا، جنهن کي فتنه الهندستان جي دهشتگردن نشانو بڻايو. فتنه الهندستان جا دهشتگرد بلوچستان جو امن امان تباهه ڪري معاشي ترقيءَ ۾ رُخنو وجهڻ چاهين ٿا. واپاري سرگرميون، ٽرانسپورٽ ۽ ترقياتي منصوبن تي حملا بلوچستان جي عوام کي روزگار ۽ معاشي موقعن کان محروم ڪرڻ جي سازش آهي. فتنه الهندستان جا دهشتگرد ان کان اڳ به معصوم شهرين  کي نشانو بڻائي علائقي ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪندا رهيا آهن. ماهرن موجب بلوچ عوام جي حقن جا نام نهاد علمدار دشمن جي ايجنڊا تي عمل ڪري بلوچستان کي پُٺتي رکڻ چاهين ٿا. سيڪيورٽي فورسز جي آپريشنز کانپوءِ بوکلاهٽ جو شڪار فتنه الهندستان جا دهشتگرد سافٽ ٽارگيٽ کي هدف بڻائي رهيا آهن.