ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم، گهميل ۽ اترئين علائقن ۾ جزوي طور جهڙالي رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ جزوي طور جهڙالي رهندي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هوائون موجود آهن. ڪمزور گهميل هوائون ملڪ جي ڏکڻ واري اڌ حصي ۾ داخل ٿي رهيون آهن.  گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل، جڏهن ته اترئين علائقن ۾ جزوي طور جهڙالي رهندي. موسميات کاتي مطابق موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ هوائون موجود آهن. ڪمزور گهميل هوائون ملڪ جي ڏکڻ واري اڌ حصي ۾ داخل ٿي رهيون آهن.  گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهي، جڏهن ته لاهور ايئر پورٽ ۽ قصور ۾ 02 ملي ميٽر برسات پئي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي، دالبندين 43، ڀڪر، نور پورٺل ۽ دادو ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي.