اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي پشين جي علائقي سرانان ۾ رستي جي تعمير ۾ مصروف مزدورن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد ٿيندڙ مزدورن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران ضلعي پشين جي علائقي سرانان ۾ رستي جي تعمير ۾ مصروف مزدورن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت
اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ضلعي پشين جي علائقي سرانان ۾ رستي جي تعمير ۾ مصروف مزدورن تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد ٿيندڙ مزدورن جي گهرڀاتين سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته بيگناهه ۽ پورهيت شهرين کي نشانو بڻائڻ دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي، دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي امن امان سبوتاز ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم شهيد مزدورن جي درجن جي بلنديءَ ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.











