اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسلمان اُمت (اڄ) اربع تي نبي ڪريمﷺ جي ولادت جو ڏهاڙو مذهبي جوش، جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندي. گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ قومي سطح تي سيرت طيبه کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪانفرنسون، نعت جون محفلون ۽ سيمينار منعقد ٿيندا. وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ عالمي سيرت ڪانفرنس …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسلمان اُمت (اڄ) اربع تي نبي ڪريمﷺ جي ولادت جو ڏهاڙو مذهبي جوش، جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندي
اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسلمان اُمت (اڄ) اربع تي نبي ڪريمﷺ جي ولادت جو ڏهاڙو مذهبي جوش، جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهائيندي. گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد، چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ قومي سطح تي سيرت طيبه کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪانفرنسون، نعت جون محفلون ۽ سيمينار منعقد ٿيندا. وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ عالمي سيرت ڪانفرنس جو بندوبست ٿيندو، جنهن ۾ اعليٰ حڪومتي شخصيتن سميت عالم ۽ مشائخ، پارليامينٽيرينز، سفارتڪار ۽ اسڪالرز کان علاوه زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون شرڪت ڪنديون. اهڙيءَ طرح صوبائي گاديءَ وارن هنڌن ۾ به سيرت ڪانفرنسنز ۽ سيمينار جو بندوبست ڪيو ويندو. ان کان علاوه سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عيد ميلادالنبيﷺ جا جلسا ۽ جلوس منعقد ٿيندا. سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي رنگين بتين سان سينگاريو ويندو. گهرن ۾ عورتن عيد ميلادالنبيﷺ جي موقعي ميلاد جي محفلن جون تياريون ڪيون آهن. واضح رهي ته نبي ڪريمﷺ جي ذات گرامي اهو مينار آهي جيڪو قيامت تائين ڀٽڪيل انسانيت کي صراط مستقيم طرف رهنمائي ڪندي رهندي.











