اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 600 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 86 هزار 536 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 600 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 86 هزار 5 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 514 رپين جي گهٽتائي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 600 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ
اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 600 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 86 هزار 536 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 600 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 86 هزار 5 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 514 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 17 هزار 640 رپين مان گهٽجي 4 لک 17 هزار 126 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 82 هزار 850 رپين مان گهٽجي 3 لک 82 هزار 379 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 100 روپين جي گهٽتائي کانپوءَ 7279 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 86 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6240 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4646 ڊالرز مان گهٽجي 4640 ڊالرز ٿي وئي.











