ڪراچي-25 آگسٽ (اي پي پي)بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف ٽائونز سان لاڳاپيل معاملن، عوامي سهولتن جي فراهمي، ٽيڪس اوڳاڙي بابت تڪرارن ۽ مڪاني نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، ڪميشن جي چيئرمين رحيم سومرو، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر امداد پتافي ۽ مختلف ٽائونز جي چيئرمينز …
صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جو اهم اجلاس منعقد
ڪراچي-25 آگسٽ (اي پي پي)بلديات واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي لوڪل گورنمينٽ ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف ٽائونز سان لاڳاپيل معاملن، عوامي سهولتن جي فراهمي، ٽيڪس اوڳاڙي بابت تڪرارن ۽ مڪاني نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، ڪميشن جي چيئرمين رحيم سومرو، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر امداد پتافي ۽ مختلف ٽائونز جي چيئرمينز شرڪت ڪئي. اجلاس دوران مختلف ٽائونز وچ ۾ ٽيڪس اوڳاڙي جي حوالي سان پيدا ٿيل تڪرارن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته لاڳاپيل ڌرين جا موقف ۽ دليل پڻ ٻڌا ويا. صوبائي وزير چيو ته عوام کي سندن در تائين بنيادي بلدياتي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ٽائونز جا درپيش مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ چونڊيل بلدياتي نمائندن وچ ۾ موثر سهڪار ضروري آهي. هن چيو ته ٽائونز وچ ۾ اينمل ٽيڪس جي اوڳاڙي بابت پيدا ٿيل مسئلا پڻ جلد حل ڪيا ويندا، جيئن ٽيڪس اوڳاڙي جو نظام بهتر بڻائي سگهجي ۽ لاڳاپيل بلدياتي ادارن کي پنهنجا وسيلا موثر نموني استعمال ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ناصر حسين شاهه چيو ته عوام کي سندن دروازي تائين موثر ۽ بروقت بلدياتي سهولتون پهچائڻ لاءِ اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ اڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته مضبوط ۽ بااختيار مڪاني حڪومت ئي عوامي مسئلن جي فوري حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. صوبائي وزير واضح ڪيو ته ٽائونز وچ ۾ ڪنهن به قسم جي تڪرار جو فيصلو قانون، حقيقتن ۽ ميرٽ جي بنياد تي شفاف طريقي سان ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به ڌر سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته عوامي مفاد سان لاڳاپيل معاملن ۾ غيرضروري دير جي ڪا گنجائش ناهي، ٽائونز جا مسئلا حل ٿيڻ سان شهرين کي بلدياتي سهولتن جي فراهمي وڌيڪ بهتر ٿيندي ۽ مقامي حڪومتن جي ڪارڪردگي ۾ پڻ بهتري ايندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ويو ته ٽائونز پنهنجي دستياب وسيلن کي موثر نموني استعمال ڪندي صفائي، نيڪال، ٽيڪس اوڳاڙي ۽ ٻين بنيادي شهري سهولتن جي فراهمي کي بهتر بڻائين، جڏهن ته گڏيل تڪرارن کي ڳالهين ۽ قانوني طريقيڪار تحت جلد حل ڪيو وڃي. ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت بلدياتي نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻائڻ سان گڏ عوامي مسئلن جي فوري حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، سمورن تڪرارن جا فيصلا ميرٽ ۽ شفافيت جي اصولن موجب ڪيا ويندا.












