وزيراعظم پاران ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سعودي عرب پاران دلچسپي جي آجيان، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جي ٽو جي ۽ بي ٽو بي گڏيل تعاون لاءِ هي بهترين ۽ موزون ترين وقت آهي: محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سعودي عرب پاران دلچسپي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جي ٽو جي ۽ بي ٽو بي گڏيل تعاون جي لاءِ هي بهترين ۽ موزون ترين وقت آهي، پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي گڏيل مفاد تي ٻڌل اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو …

اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سعودي عرب پاران دلچسپي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جي ٽو جي ۽ بي ٽو بي گڏيل تعاون جي لاءِ هي بهترين ۽ موزون ترين وقت آهي، پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي گڏيل مفاد تي ٻڌل اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي پاڪ گڏيل بزنس ڪائونسل جي چيئرمين شهزاده منصور بن محمد آل سعود جي قيادت ۾ اعلى سطح جي سعودي ڪاروباري وفد اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي لاءِ پنهنجي پاران دلي احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي مختلف امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن موجب پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي اقتصادي لاڳاپن کي گڏيل مفاد تي ٻڌل اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان حوالي سان وزيراعظم محمد شهباز شريف شهزاده منصور بن محمد آل سعود جي پاڪستان جي اڳوڻي دورن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سندس موجوده دورو گذريل ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن جي راهه هموار ڪندو. شهزاده منصور بن محمد آل سعود زراعت، بندرگاهن، رستن، هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ، ريئل اسٽيٽ، توانائي، بجلي جي ورڇ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم انهن ترجيحي شعبن ۾ سعودي سيڙپڪاري جي دلچسپي جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون، اهو ڀلي حڪومت سان حڪومت (جي ٽو جي) هجي يا ڪاروبار سان ڪاروبار (بي ٽو بي) هجي، جي لاءِ هي بهترين ۽ موزون ترين وقت آهي. شهزاده منصور بن محمد آل سعود شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا ۽ پاڪستان سان ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ سعودي حڪومت ۽ سعودي ڪاروباري برادري جي مسلسل دلچسپي جو ورجاءُ ڪيو. سعودي وفد پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران ڪيترن ئي اعلى حڪومتي نمائندن ۽ نجي شعبي جي اهم ڌرين سان پڻ ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، جنيد انوار چوڌري، علي پرويز ملڪ، سردار اويس احمد خان لغاري، محمد حنيف عباسي، وزيراعظم جا صلاحڪار محمد علي، هارون اختر خان، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا اعلى عملدار پڻ موجود هئا.

مزید خبریں