ڪراچي-25 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي يوٿ انوويشن چئلينج 2026ع جي پڄاڻي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن کي پنهنجن تخليقي آئيڊياز کي عملي شڪل ڏيڻ جا بهترين موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي ۽ اسان کي فقط ٽيڪنالاجي استعمال ڪندڙ …
سنڌ جي گورنر جي يوٿ انوويشن چئلينج 2026ع جي پڄاڻي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت
ڪراچي-25 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي يوٿ انوويشن چئلينج 2026ع جي پڄاڻي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام نوجوانن کي پنهنجن تخليقي آئيڊياز کي عملي شڪل ڏيڻ جا بهترين موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي ۽ اسان کي فقط ٽيڪنالاجي استعمال ڪندڙ قوم نه پر ٽيڪنالاجي تخليق ڪندڙ قوم بنجڻو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان ويزن 2047ع هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ پاڻڀرائپ واري پاڪستان جو بنياد رکي ٿو. سيد محمد نهال هاشمي چيو ته يوٿ انوويشن چئلينج نوجوانن کي مختلف مسئلن جا نوان ۽ اثرائتا حل ڳولهڻ ۽ ملڪي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو بهترين پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل اسڪلز سان آراسته ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. گورنر سنڌ نوجوانن تي زور ڀريو ته هو پنهنجون ڪوششون جاري رکن ۽ ڪڏهن به هار نه مڃين. هن چيو ته هڪ ٻئي جي ڪاميابي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن سڀ ڪامياب ٿي سگهن. هن چيو ته ڪاميابي فقط انعام حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي پر لاڳيتي ڪوشش، سکڻ ۽ ناڪامي مان سبق حاصل ڪري ٻيهر اڳتي وڌڻ ئي اصل ڪاميابي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر فهد شفيق چيو ته اسان جو مقصد آهي ته سنڌ جو نوجوان فقط نوڪري ڳولهڻ وارو نه هجي پر روزگار پيدا ڪندڙ بڻجي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو اثرائتو نمائندو ثابت ٿئي. تقريب جي پڄاڻي تي گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي يوٿ انوويشن چئلينج ۾ پهرين، ٻئي ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ نوجوانن ۾ روڪ انعام ۽ گولڊ ميڊلز ورهايا.












