وزيراعظم پاڪ- ايران گيس پائپ لائن منصوبي جي معاملي تي گڏيل طور تي قبول جوڳو حل تلاش ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي : وفاقي وزير  علي پرويز ملڪ

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ- ايران گيس پائپ لائن منصوبي جي معاملي تي گڏيل طور تي قبول جوڳو حل تلاش ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جيڪا منصوبي بابت ٽياڪڙي جي رنڊڪ کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي مستقبل جي توانائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي اڳڀرائي ڪندي. اڱاري ڏينهن سينيٽ اجلاس …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ- ايران گيس پائپ لائن منصوبي جي معاملي تي گڏيل طور تي قبول جوڳو حل تلاش ڪرڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جيڪا منصوبي بابت ٽياڪڙي جي رنڊڪ کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي مستقبل جي توانائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي اڳڀرائي ڪندي. اڱاري ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر محمد طلحه محمود طرفان ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس جو جواب ڏيندي علي پرويز ملڪ چيو ته ڪميٽي منصوبي جي قانوني، مالي ۽ توانائيءَ بابت رُخن جو جائزو وٺي رهي آهي ته جيئن قومي مفاد ۾ مناسب حل تلاش ڪري سگهجي. هن چيو ته ايران پاڪستان جو برادر ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت گڏيل طور تي قبولڻ جوڳي ۽ دوستاڻي تصفيي لاءِ مسلسل رابطي ۾ آهي. علي پرويز ملڪ چيو ته ايران پنهنجي طرفان منصوبي تي نمايان عملي اڳڀرائي ڪري چڪو آهي ۽ گڏوگڏ پارس گيس فيلڊ مان پاڪستان جي سرحد ويجهو هڪ وڏي ايراني شهر تائين گيس پهچائي وئي آهي. هن چيو ته معاملو پيرس ۾ ٽياڪڙي جي مرحلي ۾ وڃي چڪو آهي، ان لاءِ منصوبي سان پيدا ٿيندڙ امڪاني مالي ذميداريءَ کي محتاط انداز ۾ ڏسڻ ضروري آهي. پيٽروليم واري وزير چيو ته حڪومت وڌيڪ قانوني پيچيدگيون ۽ ڪيسن کان بچڻ چاهي ٿي ۽ ايران سان ڳالهين ذريعي معاملي جو حل تلاش ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽي پاڪستان کي درپيش امڪاني مالي ذيداري، قانوني ڪارروائيءَ جي اثرن ۽ ملڪ جي مستقبل جي توانائي ضرورتن جو جائزو وٺي منصوبي جي حوالي سان آئينده جو لائحه عمل طئي ڪندي. بلوچستان ۾ گيس بابت مسئلن جي حوالي سان پيٽروليم واري وزير چيو ته وزيراعظم کيس ڌُرين سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن ٻُڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير  محمد اسحاق ڊار جي سربراهيءَ ۾ هڪ ٻي اعليٰ سطحي ڪميٽي بلوچستان جي گيس بابت مسئلن جو جائزو وٺي رهي آهي جنهن ۾ فني ۽ ادائگيءَ بابت معاملا به شامل آهن.

مزید خبریں