اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته 10 ارب ڊالرن جي سويپ لائن معاملي تي پاڪستان کي آمريڪا طرفان تعميري اڳڀرائي ملي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ جواب ملي ويندو، آمدني واپار تي ڀاڙڻ بدران روانگي واپار تي ٻَڌل ترقي ۽ اؤسر تي اسان جي گهري نظر آهي، پاڪستان هلندڙ مالي سال ۾ يورو بانڊز …
ڏهه ارب ڊالرن جي سويپ لائن معاملي تي پاڪستان کي آمريڪا طرفان تعميري اڳڀرائي ملي آهي، هلندڙ مالي سال ۾ يورو بانڊ سان هڪ کان 2 ارب ڊالرز حاصل ڪرڻ جو هدف آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته 10 ارب ڊالرن جي سويپ لائن معاملي تي پاڪستان کي آمريڪا طرفان تعميري اڳڀرائي ملي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ جواب ملي ويندو، آمدني واپار تي ڀاڙڻ بدران روانگي واپار تي ٻَڌل ترقي ۽ اؤسر تي اسان جي گهري نظر آهي، پاڪستان هلندڙ مالي سال ۾ يورو بانڊز سان هڪ کان 2 ارب ڊالرز حاصل ڪرڻ جو هدف رکي ٿو. فنانشل ٽائمز کي انٽرويو ۾ ناڻي واري وزير چيو ته عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ واپسيءَ جي رٿابندي جي روشنيءَ ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا سان مالي سهڪار حاصل ڪرڻ تي ڌيان آهي. هن چيو ته گذريل مهيني پاڪستان طرفان واشنگٽن کان گُهريل 10 ارب ڊالر جي سويپ لائن جو مقصد نجي سيڙپڪارن لاءِ اعتماد جو اشارو ڏيڻ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آمريڪي ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ (ايگزم بئنڪ) ۽ ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جو تمام وڏو ڪردار آهي، جنهن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي امڪاني مالي خطرن کي برداشت ڪرڻ جو راضپو ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته اهو بنيادي طور تي آمريڪا سان رابطن جو هڪ مجموعو آهي، جنهن جو مقصد واپار ۽ سيڙپڪاري جي وهڪري تي ڌيان ڏيڻ ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي حوالي سان هاڪاري اشارا ڏيڻ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته 10 ارب ڊالرن جي سويپ لائن جي معاملي تي اسلام آباد کي واشنگٽن طرفان تعميري اڳڀرائي ملي آهي ۽ کين اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه ۾ جواب ملي ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت آمدني واپار تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ملڪ کي درپيش ادائگين جي توازن جي مسلسل بحرانن مان نڪرڻ لاءِ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته ايگزم بئنڪ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز کي بوئنگ جهازن جي وِڪري لاءِ مالي معاونت ۽ آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي آئل ريفائنريز جي اپ گريڊيشن ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي جڏهن ته ڊي ايف سي پاڪستاني ڪاروباري گروپن ۾ ايڪويٽي شيئر حاصل ڪري سگهي ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان هڪ ئي وقت آمريڪا ۽ چين سان واپار، سيڙپڪاري ۽ مالياتي سهڪار وڌائي سگهي ٿو جڏهن ته هن تصديق ڪئي ته پاڪستان هن وقت چين سان واڌو مالي معاونت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪري رهيو. ناڻي واري وزير چيو ته يورو بانڊز جو جاري ٿيڻ مارڪيٽ جي قيمت ۽ ميچورٽي تي ڀاڙڻ هوندو جڏهن ته پاڪستان هلندڙ مالي سال ۾ يورو بانڊ مان هڪ کان 2 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جو هدف رکي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان 75 ڪروڙ ڊالرن جا پانڊا بانڊز جاري ڪرڻ لاءِ چوٿين ٽينڊرز جي رٿابندي جي مرحلي ۾ آهي جيڪو چين جي ڪيپيٽل مارڪيٽس جي ڳاڻيٽي کي نظر ۾ رکندي انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان هن وقت اهم ريٽنگ ايجنسين سان ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن ايندڙ اٽڪل 12 مهينن ۾ ٻيهر بي پلس تائين پهچي سگهي پر اسان جو هدف گهٽ ۾ گهٽ ڊبل بي کي سامهون رکڻو آهي ۽ پوءِ اُتان کان پنهنجي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ آهي ۽ اهڙو ڪو ڪارڻ ناهي ته اسان اُتي نه پهچي سگهون.










