اليڪشن ڪميشن پاران وفاقي گادي واري هنڌ جي يونين ڪائونسلن جي تڪ بندين جي باقي سرگرمين لاءِ نظرثاني ٿيل شيڊول جاري

اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي يونين ڪائونسلن جي تڪ بندين جي باقي سرگرمين لاءِ نظرثاني ٿيل شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق تڪن جي حتمي فهرست 14 آڪٽوبر تي جاري ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نوٽيفيڪيشن مطابق يونين ڪائونسلن جون شروعاتي فهرستون 27 آگسٽ تي جاري ڪيون وينديون جن تي ووٽرز طرفان اعتراض 28 آگسٽ کان 17 سيٽپمبر …

اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي يونين ڪائونسلن جي تڪ بندين جي باقي سرگرمين لاءِ نظرثاني ٿيل شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مطابق تڪن جي حتمي فهرست 14 آڪٽوبر تي جاري ٿيندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري نوٽيفيڪيشن مطابق يونين ڪائونسلن جون شروعاتي فهرستون 27 آگسٽ تي جاري ڪيون وينديون جن تي ووٽرز طرفان اعتراض 28 آگسٽ کان 17 سيٽپمبر تائين وصول ڪيا ويندا. تڪ بندي اٿارٽي طرفان اهي اعتراض 2 آڪٽوبر، جڏهن ته تڪ بندي اٿارٽي طرفان تڪ بندي ڪميٽي کي فيصلن کان 9 آڪٽوبر تائين آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن ته تڪ بندين جي حتمي فهرست تي ٻڌل فارم 14، 9 آڪٽوبر تي جاري ڪيو ويندو.

مزید خبریں