اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ عيد ميلادالنبي ﷺ کي شاندار طريقي سان ملهائڻ ۽ نبي ڪريم ﷺ جي سنت ۽ سيرت کي هٿي وٺرائڻ جي عزم واري قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ معمول واري ڪارروائي معطل ڪري پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اها قرارداد پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري …
قومي اسيمبليءَ ۾ عيد ميلادالنبي ﷺ کي شاندار طريقي سان ملهائڻ لاءِ قرارداد متفقه طور تي منظور

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ عيد ميلادالنبي ﷺ کي شاندار طريقي سان ملهائڻ ۽ نبي ڪريم ﷺ جي سنت ۽ سيرت کي هٿي وٺرائڻ جي عزم واري قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ معمول واري ڪارروائي معطل ڪري پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري اها قرارداد پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان عيد ميلادالنبي ﷺ جي تاريخي اهميت کي نظر ۾ رکندي هي قرارداد پيش ڪري ٿو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ان موقعي تي اعليٰ سطح تي، قومي پروگرامز، ميلادالنبي ﷺ جون محفلون، ميڊيا مهم، فلاحي قدمن، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن ۽ شاهراهن کي روشين ۽ سجاوٽ ذريعي سينگارڻ شامل آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سمورا سرڪاري ۽ نجي ادارا جن ۾ شامل تعليمي ۽ ڪاروباري ادارا، ميڊيا هائوس ڀرپور شرڪت ڪندي حضرت محمد ﷺ جي تعليمات مطابق امن، رواداري ۽ اخوت کي هٿي ڏين. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان حضرت محمدﷺ جي سنت ۽ سيرت کي هٿي وٺرائڻ جو عزم ڪري ٿو ۽ پوري قوم کي اپيل ڪري ٿو ته هو هن بابرڪت موقعي کي نهايت ئي عقيدت، احترام ۽ اتحاد سان ملهائين.










