وفاقي گهرو وزير سان آمريڪي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- آمريڪا ٻه طرفن ناتن، خطي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات دوران خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي قيام، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ پوليس آفيسرن جي گڏيل تربيتي پروگرامز (ٽريننگ) کي …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- آمريڪا ٻه طرفن ناتن، خطي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات دوران خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي قيام، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ پوليس آفيسرن جي گڏيل تربيتي پروگرامز (ٽريننگ) کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ تي ڳالهيون ٿيون. ٻنهي اڳواڻن منظم ڏوهن، منشيات جي روڪٿام ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي آمريڪي سفير خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هاڪاري سفارتي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ گهرو وفاقي سيڪريٽري پڻ موجود هو.

مزید خبریں