سنڌ جي وڏي وزير پاران مائل اسٽونز سينٽر فار ڪاگنيٽو اينڊ لينگويج ڊولپمينٽ جو دورو

ڪراچي-25 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مائل اسٽونز سينٽر فار ڪاگنيٽو اينڊ لينگويج ڊولپمينٽ جو دورو ڪيو، جيڪو سنڌ حڪومت جي ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبلٽيز (ڊي اي پي ڊي) جو هڪ اهم ڀائيوار ادارو آهي. وڏي وزير مرڪز ۾ خاص ضرورتن وارن ٻارن کي فراهم ڪيل مختلف سهولتن ۽ تعليمي پروگرامن جو جائزو ورتو. ڪلفٽن ۾ قائم رڪز پهچڻ تي …

ڪراچي-25 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مائل اسٽونز سينٽر فار ڪاگنيٽو اينڊ لينگويج ڊولپمينٽ جو دورو ڪيو، جيڪو سنڌ حڪومت جي ڊپارٽمينٽ آف امپاورمينٽ آف پرسنز وٿ ڊس ايبلٽيز (ڊي اي پي ڊي) جو هڪ اهم ڀائيوار ادارو آهي. وڏي وزير مرڪز ۾ خاص ضرورتن وارن ٻارن کي فراهم ڪيل مختلف سهولتن ۽ تعليمي پروگرامن جو جائزو ورتو. ڪلفٽن ۾ قائم رڪز پهچڻ تي ڊي اي پي ڊي واري سيڪريٽري طلحه فاروقي ۽ مائل اسٽونز جي ٽرسٽي فوزيه جاويد حسين وڏي وزير سيد مراد عيل شاهه جي آجيان ڪئي. سندس دؤري دوران اداري جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ نيورو ڊائورس ٻارن کي فراهم ڪيل تعليمي، علاج ۽ بحاليءَ جي سهولتن جو جائزو ورتو. وڏي وزير شاگردن ۽ استادن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ سندن سرگرمين ۽ ڪاميابين ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن خاص ضرورتن وارن ٻارن کي معياري تعليم، ٿراپي ۽ بحاليءَ جون خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ اداري جي ڪوششن کي ساراهيو .مائل اسٽونز جي ٽرسٽي فوزيه جاويد بريفنگ ڏيندي وڏي وزير کي ٻڌايو ته مائل اسٽونز جو قيام 1998ع ۾ عمل ۾ آيو ۽ ادارو ڊائون سنڊروم، آٽزم، سيربرل پاليسي، واڌ ويجهه ۾ دير ۽ فريجائل ايڪس سنڊروم سميت خاص ضرورتن رکندڙ ماڻهن کي گڏيل تعليم ۽ سهڪار ذريعي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ته جيئن اهي هڪ ڀرپور ۽ باوقار زندگي گذاري سگهن. مرڪز هر ٻار جي انفرادي گھرجن مطابق مڪمل تعليمي ۽ بحاليءَ جو پروگرام فراهم ڪري ٿو. ٻين ادارن جي ابتڙ، هتي مستحق شاگردن کي سموريون خدمتون مفت فراهم ڪيون وڃن ٿيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مائل اسٽونز خاص ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ بحاليءَ واري شعبي ۾ واکاڻ جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سنڌ حڪومت خاص ماڻهن جي تعليم، بحالي ۽ بااختياريءَ لاءِ ڀرپور سهڪار جاري رکندي. مائل اسٽون چيريٽيبل ٽرسٽ پاران منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ٽرسٽ 1998ع کان ٻارن ۽ انهن جي خاندانن جي خدمت ڪري رهيو آهي ۽ گڏيل تعليم واري شعبي ۾ هڪ مثالي اداري طور سامهون آيو آهي. هن چيو ته مائل اسٽونز پاڪستان جو پهريون ٻه لساني اسڪول آهي، جيڪو نيورو ڊائورس ٻارن لاءِ وقف آهي، جن ۾ آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر، ڊائون سنڊروم، سيربرل پالسي ۽ واڌ ويجهه سان لاڳاپيل ٻين مسئلن جو شڪار ٻار شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هر ٻار کي معياري تعليم، ٿراپي ۽ ڪاميابيءَ جا هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن. هن مستحق خاندانن لاءِ فيس ۾ رعايت فراهم ڪرڻ واري اداري جي اپاءَ کي پڻ ساراھيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته مائل اسٽونز ۾ هر استاد جي مقابلي ۾ رڳو ٻن شاگردن جي شرح انفرادي ڌيان ۽ مؤثر تعليمي نتيجن کي يقيني بڻائي ٿي. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي ڊيپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊس ايبلٽيز2025ع ۾ مائل اسٽونز جي معاونت شروع ڪئي ۽ ان کان پوءِ اداري کي خاص سامان جي فراهمي ۽ انتظامي خرچن لاءِ سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير مشاهدو ڪيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان مرڪز جي تعليمي ۽ علاج جون سهولتون نمايان طور بهتر ٿيون آهن. هن زور ڀريو ته خاص ٻارن کي بهترين ممڪن تعليمي ۽ طبي سهولتون فراهم ڪرڻ سندس حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. سيد مراد علي شاهه يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت خاص ماڻهن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جي معاونت جاري رکندي ۽ مائل اسٽونز ۾ جديد ترين، اسٽيٽ آف دي آرٽ سهولت جي قيام لاءِ پڻ سهڪار ڪندي. وڏي وزير اداري جي استادن، ٿراپسٽس ۽ عملي جي چاهه کي ساراهيندي چيو ته انهن جون ڪوششون هڪ وڌيڪ گڏيل، همدرد ۽ بااختيار سماج جي جوڙجڪ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيون آهن. وڏي وزير خطاب جي پڄاڻي ڪندي چيو ته خاص ٻارن جي تعليم ۽ بحاليءَ ۾ سيڙپڪاري ذريعي اسان اهڙو سماج جوڙي رھيا آھيو، جتي هر فرد بااختيار هجي ۽ ترقي جا هڪجهڙا موقعا حاصل ڪري سگهجن.