اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)سياسي ۽ عوامي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله ايوان کي ٻُڌايو ته سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر تي فيصلو ڪندي ته پي ٽي آءِ باني جي طبي معائني بابت 18 آگسٽ جي عدالتي حڪم تي ڪنهن حد تائين عملدرآمد ٿيو، حڪومت سپريم ڪورٽ طرفان جاري ٿيل وڌيڪ ڪنهن به هدايت تي عملدرآمد ڪندي. اڱاري ڏينهن سينيٽر علي ظفر ۽ مخالف ڌر طرفان …
حڪومت پي ٽي آءِ باني جي طبي معائني بابت سپريم ڪورٽ جي وڌيڪ ڪنهن به هدايت تي عملدرآمد ڪندي: رانا ثناءُ الله
اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي)سياسي ۽ عوامي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله ايوان کي ٻُڌايو ته سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر تي فيصلو ڪندي ته پي ٽي آءِ باني جي طبي معائني بابت 18 آگسٽ جي عدالتي حڪم تي ڪنهن حد تائين عملدرآمد ٿيو، حڪومت سپريم ڪورٽ طرفان جاري ٿيل وڌيڪ ڪنهن به هدايت تي عملدرآمد ڪندي. اڱاري ڏينهن سينيٽر علي ظفر ۽ مخالف ڌر طرفان اُٿاريل نُڪتن جو جواب ڏيندي رانا ثناءُ الله چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي عدالت جو ڪردار ادا ڪندي عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت پنهنجي پنهنجي راءِ کان فيصلو نه ٻُڌائڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت، رياستي ادارا ۽ عدالتون سڀ آئين ۽ قانون جون پابند آهن جڏهن ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد بابت اختلافن جي صورت ۾ نظرثاني ۽ قانوني چاره جوئي جو طريقيڪار به موجود آهي. سپريم ڪورٽ جي 18 آگسٽ جي حڪم جو حوالو ڏيندي هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ باني جي طبي معائني لاءِ مخلصاڻي ڪوشش ڪئي جڏهن ته مقرر هنڌ تي سيڪيورٽي صورتحال جي خدشن سبب منصوبي ۾ تبديلي ڪئي وئي ۽ کيس هڪ سرڪاري طبي مرڪز وٺي ويا جتي سندس مطابق مستند ۽ ماهر ڊاڪٽرن مڪمل طبي معائنو ڪيو. رانا ثناءُ الله چيو ته 16 سيپٽمبر تي عدالت اهو فيصلو ڪندي ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد ٿيو يا نه، ڪنهن حد تائين ٿيو ۽ ڇا ان ۾ ڪا گهٽتائي رهجي وئي. هن ايوان کي خاطري ڪرائي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڪنهن گهٽتائي جي نشاندهي ڪندي حڪومت کي وڌيڪ قدمن جي هدايت ڪئي ته انهن حڪمن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ باني جي صحت تي ڪو سمجهوتو نٿي ڪرڻ چاهي، ماضيءَ ۾ به سندس صحت جي معاملي ۾ ڪا غفلت نه ڪئي وئي ۽ آئينده به ڪنهن قسم جي غفلت جي اجازت نه ڏني ويندي. رانا ثناءُ الله پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتن کان پوءِ سامهون ايندڙ سياسي بيانن جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته ملاقاتن بابت پيغام بعد ۾ پريس ڪانفرنسن ۾ ورجايا ويا ۽ـ پرڏيهي ملڪ به سوشل ميڊيا ذريعي ان جي مشهور ڪئي. ٻئي پاسي قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ سي ٽي اسڪين جي سهولت دستياب نه هئڻ جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته پمز ۾ 2 سي ٽي اسڪين مشينون فعال آهن. هن چيو ته هو شاهديءَ طور پمز ۾ سي ٽي اسڪين جي سهولت بابت حقيقتون ايوان آڏو رکڻ چاهي ٿو. وفاقي وزير تسليم ڪيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ حالتون مثالي ناهن جڏهن ته پمز 1985ع ۾ اٽڪل 4 لک آباديءَ جي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي جڏهن ته اسلام آباد جي آبادي هاڻ اٽڪل 50 لک تائين پهچي چڪي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ راولپنڊي کان به مريض علاج لاءِ وفاقي گاديءَ واري هنڌ اچن ٿا جنهن سان اسپتال تي غير معمولي بار پوي ٿو ۽ ڪنهن وقت مريضن کي دير جو مُنهن ڏسڻو پوي ٿو. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته طبي معائنو ۽ ٽيسٽ مريض جي طبي حالت ۽ اهم نشانين جي بنياد تي ڊاڪٽرز طئي ڪن ٿا، غير ضروري طبي طريقيڪار پاڻ به ڪنهن طبي پيچيدگيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته پمز ۾ طبي ماهرن جو پينل موجود آهي ۽ جيڪڏهن ڊاڪٽرز سي ٽي اسڪين ضروري سمجهن ته اها سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. وفاقي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته پمز ۾ موجود ٻنهي سي ٽي اسڪين مشينون فعال آهن ۽ ان جي غير فعال هئڻ بابت دعويٰ صحيح ناهي.












