اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان گلگت بلتستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبليءَ ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي وچ ۾ پارلياني تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، ملڪ ڪفايت الرحمان کي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان گلگت بلتستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان گلگت بلتستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبليءَ ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي وچ ۾ پارلياني تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، ملڪ ڪفايت الرحمان کي ڊپٽي اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سردار اياز صادق چيو ته قومي اسيمبلي، گلگت بلتستان اسيمبلي سان پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، قانون سازي ۽ پارلياماني معاملن ۾ گلگت بلتستان اسيمبلي جي استعداد ڪار وڌائڻ لاءِ سهڪار جاري رکنداسين. پي آءِ پي ايس تحت گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبرن ۽ عملي لاءِ تربيتي پروگرامز اهم آهن. اسپيڪرز ڪانفرنس قانون ساز ادارن وچ ۾ رابطا، اتفاق راءِ ۽ تجربن جي مٽا سٽا جو موثر پليٽ فارم آهي. هن چيو ته سي پيڪ خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي. گلگت بلتستان معدني وسيلن ۽ سياحت جي شعبن ۾ وسيع سگهه رکي ٿو. معدني وسيلن جي شعبي کي جديد بڻائڻ ۽ عوامي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. ديامر ڀاشا ڊيم ملڪي معيشت ۽ سماجي ترقي لاءِ اهم منصوبو آهي. گلگت بلتستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي نيڪ خواهشن ۽ تعاون تي اظهار جو شڪريو ادا ڪيو.











