خنجراب پاس ذريعي پاڪ _ چين واپار ۽ روانگي واپار ۾ نمايان اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي ) خنجراب پاس ذريعي پاڪ_ چين واپاري سرگرمين ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي جنهن سان پاڪستاني مصنوعات کي چين ۽ مرڪزي ايشيائي ملڪن جي مارڪيٽن تائين رسائي ۾ سگهه ۽ واپاري رابطن ۾ وڌيڪ استحڪام اچي رهيو آهي. پاڪستان ڪسٽمز موجب مالي سال26-2025 دوران خنجراب پاس ذريعي چين مان گهرايل شين تي 15 ارب روپين جو رڪارڊ روينيو حاصل ڪيو ويو جڏهن ته مالي سال دوران اهو روينيو 13.67 ارب روپيا هيو. پاڪستان ڪسٽمز …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي ) خنجراب پاس ذريعي پاڪ_ چين واپاري سرگرمين ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي جنهن سان پاڪستاني مصنوعات کي چين ۽ مرڪزي ايشيائي ملڪن جي مارڪيٽن تائين رسائي ۾ سگهه ۽ واپاري رابطن ۾ وڌيڪ استحڪام اچي رهيو آهي. پاڪستان ڪسٽمز موجب مالي سال26-2025 دوران خنجراب پاس ذريعي چين مان گهرايل شين تي 15 ارب روپين جو رڪارڊ روينيو حاصل ڪيو ويو جڏهن ته مالي سال دوران اهو روينيو 13.67 ارب روپيا هيو. پاڪستان ڪسٽمز اختيارين موجب خنجراب پاس ذريعي چين ۽ ايشيائي ملڪن ڏانهن 2.8 ارب روپين جي ماليت جي پاڪستاني مصنوعات ايڪسپورٽ ڪئي وئي. ٽرانسپورٽس انٽر نيشنل روٽيئرز(ٽي آءِ آر) نظام تحت پاڪستاني روانگي واپار ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ٿيو آهي . ٽي آءِ آر هڪ عالمي ڪسٽمز ٽرانزٽ نظام آهي جيڪو مختلف ملڪن وچ ۾ سامان جي چر پر کي تيز، محفوظ ۽ آسان بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. خنجراب پاس ذريعي روانگي واپار ڪيل پاڪستاني مصنوعات ۾ جراحي جو سامان، ملبوسات، چانور، چمڙي جي مصنوعات، قالين، ميوا، ڀاڄيون ۽ دستڪاري شامل آهي. پاڪستان ڪسٽمز موجب خنجراب پاس تان گهرايل شين جي بهتر جاچ ۽ مربوط نظام ذريعي اسمگلنگ جي روڪ ٿام جي قدمن کي به وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. خنجراب پاس ذريعي وڌندڙ واپاري سرگرميون پاڪستان لاءِ چين ۽ مرڪزي ايشيا جي مارڪيٽن تائين پهنچ جا نوان موقعا پيدا ڪري رهيو آهي جڏهن ته ملڪي مصنوعات جي عالمي مارڪيٽن ۾ پهنچ وڌڻ سان روانگي واپار ۽ اقتصادي سرگرمين کي وڌيڪ هٿي ملڻ جا امڪان آهن.