گڏيل قومون- 25 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڏکڻ سوڊان ۾ 2 امن فوجين جي مارجڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو آهي، ته سيڪريٽري جنرل ڏکڻ سوڊان جي رياست ونگلي ۾ ڏکڻ سوڊان ۾ گڏيل قومن جي مشن جي قافلي تي گشت دوران اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ترجمان …
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڏکڻ سوڊان ۾ 2 امن فوجين جي مارجڻ جي مذمت
گڏيل قومون- 25 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڏکڻ سوڊان ۾ 2 امن فوجين جي مارجڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو آهي، ته سيڪريٽري جنرل ڏکڻ سوڊان جي رياست ونگلي ۾ ڏکڻ سوڊان ۾ گڏيل قومن جي مشن جي قافلي تي گشت دوران اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ترجمان موجب حملي ۾ اٿوپيا سان تعلق رکندڙ 2 امن فوجي مارجي ويا جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا آهن. زخمين ۾ ايٿوپيا جا 3 امن فوجي، ڏکڻ سوڊان جا 2 پوليس اهلڪار ۽ ڏکڻ سوڊان ۾ گڏيل قومن جي مشن جا 2 سولين ملازم شامل آهن. ترجمان چيو ته سيڪريٽري جنرل ياد ڏياريو آهي ته گڏيل قومن جي امن فوجين تي حملا جنگي ڏوهه جي زمري ۾ اچي سگهن ٿا. سمورن حملن جي فوري جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ذميوار ماڻهن خلاف موثر قانوني ڪارروائي ڪندي کين جوابده قرار ڏيڻ گهرجي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل مارجي ويل امن فوجين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان انتهائي ڏکئي وقت ۾ متاثرن ۽ انهن جي خاندانن سان گڏ رهڻ لاءِ گڏيل قومن جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو.










