اسلام آباد - 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن چئن علائقائي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ايندڙ اجلاس ۽ ٻين ايندڙ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان فون تي ڳالهه ٻولهه
اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن چئن علائقائي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ايندڙ اجلاس ۽ ٻين ايندڙ گهڻ رخن سرگرمين تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ويجها رابطا برقرار رکڻ تي به اتفاق ڪيو.










