سعودي عرب ۽ فرانس  پاران دفاع، ثقافت، سياحت ۽ سيڙپڪاري ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري وڌائڻ جو عزم

رياض- 25 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي موجودگي ۾ سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صححيون ڪيون ويون، انهن يادداشتن ۽ معاهدن جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جي شعبن کي وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ۾ دفاعي تعاون، مصنوعي ذهانت ۽ سياحتي سيڙپڪاري سميت ڪيترا ئي اهم شعبن …

رياض- 25 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي موجودگي ۾ سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صححيون ڪيون ويون، انهن يادداشتن ۽ معاهدن جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جي شعبن کي وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان ۾ دفاعي تعاون، مصنوعي ذهانت ۽ سياحتي سيڙپڪاري سميت ڪيترا ئي اهم شعبن جا معاهدا ۽ مفاهمتي يادداشتنا ما شامل آهن. ان کان علاوه ثقافتي، ماحولياتي، سياحتي، انساني، اقتصادي ۽ ترقي جي شعبن ۾ تعاون جو هڪ جامع معاهدو به شامل آهي. سعودي عرب سال  2018ع ۾ سعودي _ فرانس وزارتي ڪميٽي قائم ڪري فرانس سان پنهنجن ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط ڪيو آهي. ان جو مقصد العلا ضلعي جي جامع ترقي ۽ تبديلي جي عمل جي نگراني ڪرڻ ۽ ان کي هڪ عالمي سياحتي ۽ قافتي مرڪز م تبديل ڪرڻ هو. فرانس جي ڪمپني ”السٽوم“ جي تعاون سان ماحولياتي دوست ”العلا ٽرام“ منصوبي تي عمل درآمد به شامل آهي. ان کان علاوه العلا ۾ فنڪاراڻي مٽاسٽا ۽ ضلعي جي ٻارن ۽ ٻارڙين کي فرانس جي ٻولي سيکارڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم تي به ڪم ڪيو ويندو. ان  جو مقصد کين مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبي لاءِ تياري ڪرڻ  ۽ آثار قديمه جي علم ۾ قومي صلاحيتون پيدا ڪرڻ آهي. سعودي عرب ۽ فرانس وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري اهم ترجيحن ۾ شمار ٿئي ٿي جنهن جو مقصد انساني وسيلن جي ترقي، سياحتي تربيت، سيڙپڪاري  کي ترغيب ڏيڻ، پائيدار سياحت، سائنس جي چٽاڀيٽي صلاحيتن، تجربن جي مٽاسٽا ۽ سياحت بابت ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ مصنوعي ذهانت کي هٿي ڏيڻ آهي.