فرانس ۾ طوفاني واچوڙي سبب 26 ڄڻا زخمي، 100 گهر متاثر

پيرس- 25 آگسٽ(اي پي پي) فرانس جي ڏکڻ پاسي واري علائقي آڊي ۾ طوفاني واچوڙي سبب 26 ڄڻا زخمي ۽ 100 گهر متاٿر ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪارڪوسون ويجهو هڪ علائقي پوماس ۾ 100 گهرن کي نقصان پهتو آهي. واقعي کان پوءِ 115 کان به وڌيڪ فائر فائٽرز کي امدادي ڪاررواين لاءِ موڪليو ويو آهي. حڪومتي نمائندي ٻڌايو ته امدادي ڪارروايون جاري آهن .زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پنجن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اربن سرچ …

پيرس- 25 آگسٽ(اي پي پي) فرانس جي ڏکڻ پاسي واري علائقي آڊي ۾ طوفاني واچوڙي سبب 26 ڄڻا زخمي ۽ 100 گهر متاٿر ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪارڪوسون ويجهو هڪ علائقي پوماس ۾ 100 گهرن کي نقصان پهتو آهي. واقعي کان پوءِ 115 کان به وڌيڪ فائر فائٽرز کي امدادي ڪاررواين لاءِ موڪليو ويو آهي. حڪومتي نمائندي ٻڌايو ته امدادي ڪارروايون جاري آهن .زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پنجن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته اربن سرچ اينڊ ريسڪيو جا 14 ماهر ۽ تربيت يافته ڪتن تي ٻڌل يونٽ به امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيو آهي.