پاڪ _ آمريڪا اقتصادي حصيداري ۾ نئين اڳڀرائي، ايس آءِ ايف سي جي سهولتڪاري سبب سيڙپڪاري جا نوان امڪان

اسلام آباد- 25 آگست (اي پي پي ) پاڪ _ آمريڪا اقتصادي سيڙپڪاري تعاون کي هٿي ڏيڻ طرف اهم اڳڀرائي ٿي آهي، آمريڪي معاملن بابت ناظم الامور نيٽلي بيڪر وفد سميت خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ( ايس آءِ ايف سي ) جو دورو ڪيو جتي ٻنهي طرفان اقتصادي سيڙپڪاري سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، آءِ ٽي ، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اهم شعبن ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو ورتو ويو. ايس …

اسلام آباد- 25 آگست (اي پي پي ) پاڪ _ آمريڪا اقتصادي سيڙپڪاري تعاون کي هٿي ڏيڻ طرف اهم اڳڀرائي ٿي آهي، آمريڪي معاملن بابت ناظم الامور نيٽلي بيڪر وفد سميت خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ( ايس آءِ ايف سي ) جو دورو ڪيو جتي ٻنهي طرفان اقتصادي سيڙپڪاري سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، آءِ ٽي ، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين اهم شعبن ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن جو جائزو ورتو ويو. ايس آءِ ايف سي جي اختيارين پاران آمريڪي وفد کي ڪراچي انڊسٽريل پارڪ سميت ملڪ جي مختلف خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن کان آگاهي ڏني وئي. ان موقعي تي پاڪستان جي تيزي سان ترقي ڪندڙ صنعتي ۽ مينوفيڪچرنگ شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين لاءِ دستياب ڪاروباري موقعن کي به اجاگر ڪيو ويو. ايس آءِ ايف سي اختيارين عالمي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ، سيڙپڪاري لاءِ سازگار ڪاروباري ماحول کي وڌيڪ  بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ پائيدار اقتصادي شراڪتداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو حاصل ڪندي پاڪ _ آمريڪا اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گڌيل مفادن تي ٻڌل شراڪتداري ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ايس آءِ ايف سي پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ معاشي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.