سيئول- 25 آگسٽ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا سال 2033ع تائين جديد ترين ماحولياتي ۽ سامونڊي نگراني ڪندڙ سيٽلائيٽ تيار ڪندو جيڪو موجوده اسٽيشنزي سيٽلائيٽ جي جاءِ والاريندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪوريا ايرو اسپيس ايڊمنسٽريشن منصوبي لاءِ ابتدائي طور قابل عمل هجڻ جو جائزو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي. سيٽلائيٽ کي سال 2033ع ۾ لانچ ڪيو ويندو. ان منصوبي لاءِ اٽڪل 770 ارب وون جي بجيٽ رکي وئي آهي. اهو سيٽلائيٽ مشاهداتي فرض سنڀاليندو . ان جو بنيادي ڪم ماحول ۽ سمنڊ جي نگراني ڪرڻ هوندو جنهن سان اڳواٽ هوائي ۽ سامونڊي …
ڏکڻ ڪوريا سال 2033ع تائين جديد ترين ماحولياتي ۽ سامونڊي نگراني جو سيٽلائيٽ تيار ڪندو
سيئول- 25 آگسٽ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا سال 2033ع تائين جديد ترين ماحولياتي ۽ سامونڊي نگراني ڪندڙ سيٽلائيٽ تيار ڪندو جيڪو موجوده اسٽيشنزي سيٽلائيٽ جي جاءِ والاريندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڪوريا ايرو اسپيس ايڊمنسٽريشن منصوبي لاءِ ابتدائي طور قابل عمل هجڻ جو جائزو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي. سيٽلائيٽ کي سال 2033ع ۾ لانچ ڪيو ويندو. ان منصوبي لاءِ اٽڪل 770 ارب وون جي بجيٽ رکي وئي آهي. اهو سيٽلائيٽ مشاهداتي فرض سنڀاليندو . ان جو بنيادي ڪم ماحول ۽ سمنڊ جي نگراني ڪرڻ هوندو جنهن سان اڳواٽ هوائي ۽ سامونڊي گدلاڻ سان گڏو گڏ سامونڊي حادثن ۽ قدرتي آفتن جو وڌيڪ تيزي سان پتو لڳائڻ ۽ ان جي نگراني ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڪوريا ايرو اسپيس ايڊمنسٽريشن موجب ان ۾ اهڙا اوزار به نصب ٿيندا جيڪي زمين جي ڀيٽ ۾ هڪ مقرر هنڌ کان هڪ ئي وقت ماحولياتي ۽ سامونڊي تجربا پڻ ڪري سگهجندا.










