راولپنڊي- 25 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ايران جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب هي دورو آمريڪا-ايران تڪرار جي ڏس ۾ خطي ۾ ڊگهي مُدي واري امن ۽ عدم استحڪام جي مستقل خاتمي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو حصو هو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گهرو وزير محسن نقوي به گڏ هو. …
چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ايران جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل، ايران جي صدر سميت اهم مُلاقاتن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ سميت اهم معاملن تي ڳالهيُون

مزید خبریں
راولپنڊي- 25 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ايران جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب هي دورو آمريڪا-ايران تڪرار جي ڏس ۾ خطي ۾ ڊگهي مُدي واري امن ۽ عدم استحڪام جي مستقل خاتمي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو حصو هو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گهرو وزير محسن نقوي به گڏ هو. فيلڊ مارشل ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان، سپريم ليڊر جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل بابت نمائندي محسن رضائي، پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سان اهم ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران تڪرار کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪڻ، آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ ۽ تڪرار جي فوري خاتمي جي قدمن تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين علائقائي امن ۽ تڪرارن کي ڳالهين وسيلي حل تائين پهچڻ جي طريقن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني قيادت ڳالهين جي فروغ، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ تڪرار جي پرامن حل کي آسان ۾ سهولت ڪاري جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ مخلصاڻين ڪوششن کي ساراهيو. ايران پهچڻ تي فيلڊ مارشل جو استقبال ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني ۽ ٻين اعليٰ ايراني سول ۽ فوجي عملدارن ڪيو.










