اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سومر ڏينهن اسلام آباد سوان درياهه ڪناري ۽ ڀرپاسي ۾ گکڙ دؤر سان واڳيل تاريخي ورثي جي اهم هنڌن جو افتتاح ڪندي انهن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن، محققن ۽ شاگردن لاءِ کولي ڇڏيو. افتتاح ڪيل ماڳن ۾ تقريبن 450 سال قديم مائي قمرو مسجد، 350 سال قديم مقبرو سلطان مقرب خان ۽ تقريبن …
اسلام آباد جي مغل دؤر جا قديم تاريخي ورثا سياحن لاءِ کوليا ويا آهن: اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سومر ڏينهن اسلام آباد سوان درياهه ڪناري ۽ ڀرپاسي ۾ گکڙ دؤر سان واڳيل تاريخي ورثي جي اهم هنڌن جو افتتاح ڪندي انهن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن، محققن ۽ شاگردن لاءِ کولي ڇڏيو. افتتاح ڪيل ماڳن ۾ تقريبن 450 سال قديم مائي قمرو مسجد، 350 سال قديم مقبرو سلطان مقرب خان ۽ تقريبن هڪ هزار سال قديم ڦروالا مقبرو شامل آهن. قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت مان جاري بيان موجب اهي تاريخي ماڳ يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي جي عارضي فهرست ۾ شامل آهن، جيڪي انهن جي تحفظ، عالمي سطح تي تعارف ۽ مستقبل ۾ عالمي ثقافتي ورثي جو درجو حاصل ڪرڻ طرف اهم اڳڀرائي آهن. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي ۽ انهن ماڳن کي ملڪي ۽ پرڏيهي سياحن لاءِ اهم ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن طور هٿي ڏني ويندي. هن چيو ته آثارِ قديمه کاتو انهن تاريخي ماڳن کي يونيسڪو جي عارضي فهرست ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ غير معمولي ڪوششون ڪيون. منصوبي لاءِ تقريبن 54 ملين رپين جو پي سي ون منظور ڪري پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته منصوبي تي 2022ع کان گذريل تقريبن 3 سالن کان ڪم جاري هو. وفاقي وزير چيو ته تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳائڻ، سيڪيورٽي گارڊز مقرر ڪرڻ ۽ باغباني جون خدمتون حاصل ڪيون ويون، جڏهن ته مرمت، بحالي، تحفظ، لينڊ اسڪيپنگ ۽ ٻيا ترقياتي ڪم به ڪيا ويا آهن. هن چيو ته انهن ماڳن تائين رسائي بهتر بنائڻ اڃا به هڪ اهم ضرورت آهي، خاص ڪري تاريخي ماڳن تائين ويندڙ رستن جي مناسب تعمير ۽ بحالي ضروري آهي. وفاقي وزير چيو ته پوٺوهار جي گکڙ خطي جي تاريخ، ثقافت ۽ سُڃاڻپ سان گهرو تعلق رکن ٿا. هن چيو ته آثارِ قديمه ۽ عجائب گهر کاتي طرفان باغ جوگيان ۽ ڀرپاسي ۾ موجود تاريخي ماڳ جن ۾ مائي قمرو مسجد، مقبره سلطان مقبر خان، ڦروالا قلعو ۽ روات قلعو شامل آهن. هن انهن ماڳن جي مرمت ۽ بحاليءَ جو ڪم جلد ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. هن چيو ته مون کي اهو ڄاڻي خوشي ۽ حيرت ٿي ته اسلام آباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ايڏو وسيع ۽ شاندار تاريخي ۽ ثقافتي ورثو موجود آهي، جڏهن ته عام طور تي اهو تاثر ڏنو ويندو آهي ته اسلام آباد جي تاريخ ۽ ترقيءَ جي شروعات 1960ع جي ڏهاڪي ۾ وفاقي دارالحڪومت جي قيام بعد ٿيو.










