اسان کي ناڪاري سوچ ۽ تعصب ختم ڪري متحد ٿي ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو: بئريسٽر مرتضيٰ وهاب

ڪراچي- 24 آگسٽ (اي پي پي)ڪراچيءَ جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان کي ناڪاري سوچ ۽ تعصب ختم ڪري متحد ٿي ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ڪراچي سڀني جو شهر آهي ۽ اسان کي فخر سان چوڻ گهرجي ته هي شهر اسان جو آهي ۽ اسان جو ئي رهندو. ڪراچي جي نوجوانن جي حوصلا افزائي ۽ رهنمائي ذريعي شهر جي مثبت سُڃاڻپ کي دنيا …

ڪراچي- 24 آگسٽ (اي پي پي)ڪراچيءَ جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان کي ناڪاري سوچ ۽ تعصب ختم ڪري متحد ٿي ڪراچي شهر جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. ڪراچي سڀني جو شهر آهي ۽ اسان کي فخر سان چوڻ گهرجي ته هي شهر اسان جو آهي ۽ اسان جو ئي رهندو. ڪراچي جي نوجوانن جي حوصلا افزائي ۽ رهنمائي ذريعي شهر جي مثبت سُڃاڻپ کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ چاهيون ٿا. هن اها ڳالهه هڪ مقامي هوٽل ۾ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي)  پاران جشن آزادي جي سلسلي ۾ ”آزادي فيسٽيول ۽ يوم دفاع“ جي حوالي سان پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي 15 ڏينهن واري ”سلام ڪراچي“ تقريبن جي شروعات جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي ابرار جعفر، وڏي وزير سنڌ جو صلاحڪار نجمي عالم، سٽي ڪائونسل ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو پارلياماني اڳواڻ ڪرم الله وقاصي، سٽي ڪائونسل جا ميمبر، ٽائون چيئرمين، يو سي چيئرمين ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو وڏو انگ پڻ موجود هو.ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته بلديه عظميٰ ڪراچي جي پوري ٽيم ساراهه جوڳي آهي، جيڪا پارٽي چيئرمين جي ويزن تحت شهر جي خدمت ۽ ڪراچي جي مثبت ۽ مضبوط سُڃاڻپ کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان سڀ يوم آزادي ملهايون ٿا ۽ سيپٽمبر ۾ يوم دفاع جي موقعي تي ڀارت کي ڏنل جواب کي پڻ ياد ڪريون ٿا. ان ڪري مناسب سمجهيو ويو ته 15 ڏينهن وارين تقريبن ذريعي ٻنهي موقعن کي ڀرپور انداز ۾ ملهايو وڃي ۽ ڪراچي جي مثبت سُڃاڻپ کي دنيا آڏو اجاگر ڪيو وڃي.ميئر ڪراچي چيو ته ”سلام ڪراچي“ فيسٽيول جو باقاعده افتتاح ڪيو ويو آهي. فيسٽيول تحت 25 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين ڪراچي جي مختلف هنڌن تي ثقافتي، تفريحي، راندين ۽ موسيقي سان لاڳاپيل مختلف سرگرميون منعقد ڪيون وينديون، جن ۾ شهرين ۽ خاندانن لاءِ مختلف پروگرام شامل آهن. گرائونڊ بازار، ثقافتي شو ۽ عورتن لاءِ اسٽال لڳايا ويندا، جڏهن ته فيملي فيسٽيول، ٽيلنٽ هنٽ ۽ ميوزيڪل نائيٽ پڻ منعقد ڪئي ويندي.فيسٽيول دوران بائيڪ ۽ سائيڪل ريلي، فوڊ فيسٽيول، روڊ شوز، ميوزيڪل پرفارمنس، ميراٿن، سيمينارز سميت مختلف ٻيا فيملي پروگرام پڻ منعقد ڪيا ويندا.هن چيو ته اسان جو مقصد ڪراچي جي نوجوانن کي متحرڪ، حوصلا مند ۽ باصلاحيت بڻائڻ آهي ته جيئن شهر بابت موجود ناڪاري تاثر جو خاتمو ڪري سگهجي. اسان دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته جڏهن ڪراچي اڳتي وڌندو ته پاڪستان اڳتي وڌندو. هن شهر جي ترقي اصل ۾ پاڪستان جي ترقي آهي.هن چيو ته مان هن ئي شهر ۾ پيدا ٿيو آهيان، هتي ئي تعليم حاصل ڪئي ۽ هتان ئي قانون جي تعليم جي شروعات ڪئي. اڄ مون کي جيڪا عزت ۽ مقام حاصل آهي، ان ۾ هن شهر جو وڏو ڪردار آهي. ان ڪري اسان سڀني کي پنهنجي ذات، پنهنجي خواهشن ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪراچي بابت سوچڻو پوندو.هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ هن شهر کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر ڪراچي اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني جو فخر آهي. قائداعظم محمد علي جناحؒ جي فرمان ”اتحاد ۾ طاقت آهي ۽ ورهاست ۾ زوال“ جو حوالو ڏيندي ميئر ڪراچي چيو ته اتحاد، محبت ۽ يڪجهتي سان اسان کي اڄ اهو عهد ڪرڻو پوندو ته شهر خلاف هر ناڪاري سوچ کي رد ڪنداسين ۽ ڪراچي کي ٻيهر ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين.

مزید خبریں