سنڌ جي گورنر جي 36هين فرزندان پاڪستان تعليمي ايوارڊز 2026ع جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت

ڪراچي- 24 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي 36هين فرزندانِ پاڪستان تعليمي ايوارڊز 2026ع جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ شيلڊون ورهايون.تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته اڄ جو ڏينهن انهن ٻارن جي نالي آهي، جن پنهنجي محنت، لگن ۽ صلاحيتن جي بنياد تي هي مقام حاصل ڪيو. شاگردن ۽ …

ڪراچي- 24 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي 36هين فرزندانِ پاڪستان تعليمي ايوارڊز 2026ع جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ شيلڊون ورهايون.تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته اڄ جو ڏينهن انهن ٻارن جي نالي آهي، جن پنهنجي محنت، لگن ۽ صلاحيتن جي بنياد تي هي مقام حاصل ڪيو. شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪاميابي سندن والدين، استادن ۽ سڄي ملڪ لاءِ فخر جو باعث آهي.سيد محمد نهال هاشمي چيو ته ڪاميابي جو ڪو شارٽ ڪٽ ناهي، محنت، ميرٽ، عزم ۽ پنهنجي ذات تي يقين ئي ڪاميابي جو بنياد آهن. نوجوان پنهنجي منزل جو تعين ڪن، مسلسل محنت ڪن ۽ الله تعاليٰ تي مڪمل ڀروسو رکن.عورتن جي ڪردار کي اجاگر ڪندي گورنر چيو ته حضور اڪرم ﷺ عورتن جو انتهائي احترام فرمائيندا هئا، جڏهن ته ڪنهن به ترقي يافته معاشري جي تعمير ۾ عورتن جو ڪردار بنيادي اهميت رکي ٿو. فاطمه جناح، بيگم رعنا لياقت علي خان، بينظير ڀٽو، مريم نواز شريف ۽ ٻين عورتن ملڪ ۽ قوم لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.هن نوجوانن تي زور ڏنو ته پنهنجي مذهب، وطن، والدين ۽ استادن جا شڪرگذار رهن ۽ پنهنجي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد رکن. ڪاميابي لاءِ واضح منزل، مسلسل جدوجهد ۽ مضبوط يقين ضروري آهي.هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت هن وقت تائين 7 لک کان وڌيڪ ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن، جڏهن ته ليپ ٽاپ حاصل ڪرڻ جو واحد معيار ميرٽ آهي. نوجوان پنهنجي قابليت ۽ محنت ذريعي انهن موقعن مان ڀرپور فائدو وٺن.هن نوجوانن کي وزيراعظم يوٿ ڊجيٽل هب مان فائدو وٺڻ جي تلقين ڪندي چيو ته اتي نوجوانن لاءِ بهترين سهولتون، تربيت ۽ جديد موقعا موجود آهن. موجوده دور ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل مهارتن جو دور آهي، نوجوان جديد علم ۽ هنر حاصل ڪري عالمي سطح تي پنهنجي صلاحيتن جي مڃتا ڪرائين.سيد محمد نهال هاشمي چيو ته وزيراعظم ويزن 2047ع جو آغاز ڪيو آهي ۽ ان جي تڪميل ۾ اڄ جا نوجوان اهم ڪردار ادا ڪندا. اڄ جا شاگرد ئي مستقبل ۾ ملڪ جي قيادت ڪندا، ان ڪري اسان کي هارڻو ناهي، پر عزم، محنت، حوصلي ۽ يقين سان اڳتي وڌڻو آهي.گورنر 0پوزيشن هولڊرز کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي ڪاميابي صرف ذاتي ڪاميابي نه، پر پاڪستان جي روشن مستقبل جي نويد آهي. نوجوان تعليم، ڪردار، هنر ۽ پنهنجي صلاحيتن ذريعي پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي نئين منزلن تائين پهچائي سگهن ٿا.

مزید خبریں