اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ طاس معاهدي کي معطل رکڻ جي ڀارتي فيصلي خطي ۾ پاڻي، امن ۽ مستقبل جي حوالي سان نئين ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. پاڻي ماهرن، قانوني ماهرن ۽ حڪومتي عملدارن خبردار ڪيو آهي ته ڇهه ڏهاڪا پُراڻي ان معاهدي کان هڪ طرفي طور هٽڻ جي روش نه صرف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائي سگهي ٿي پر دنيا ۾ پاڻيءَ جي …
سنڌ طاس معاهدي کي معطل رکڻ جي ڀارتي فيصلي خطي ۾ پاڻي، امن ۽ مستقبل جي حوالي سان نئين ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي: وفاقي وزير ميان معين وٽو

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ طاس معاهدي کي معطل رکڻ جي ڀارتي فيصلي خطي ۾ پاڻي، امن ۽ مستقبل جي حوالي سان نئين ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. پاڻي ماهرن، قانوني ماهرن ۽ حڪومتي عملدارن خبردار ڪيو آهي ته ڇهه ڏهاڪا پُراڻي ان معاهدي کان هڪ طرفي طور هٽڻ جي روش نه صرف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌائي سگهي ٿي پر دنيا ۾ پاڻيءَ جي ورهاست جي ٻين معاهدن لاءِ به هڪ خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿو. هي ڳالهه پائيدار ترقي واري پاليسي اداري ايس ڊي پي آءِ جي انتظام هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيل سيمينار بحران ۾ ورتل سنڌ طاس معاهدو، آبي سفارتڪاري ۽ علائقائي امن ۾ مقررن چئي. پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير ميان معين وٽو پنهنجي مُک خطاب ۾ سنڌو درياهه کي پاڪستان جي زندگيءَ جي ڌڙڪن قرار ڏيندي چيو آهي ته هي درياهه گهرن کي پاڻي ڏئي ٿو، فصلن کي سيراب ڪري ٿو ۽ ملڪ جي ٻارن جي مستقبل سان جُڙيل اميدن کي زندهه رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي پاڻي جي جائز ۽ پُرامن استعمال خلاف ناهي جڏهن ته پاڻيءَ بابت سمورا قدم عالمي معاهدن ۽ قانون موجب هئڻ گهرجن. وفاقي وزير ڀارت تي زور ڀريو ته هو سنڌ طاس معاهدي کي بحال ڪري مستقل سنڌ طاس ڪميشن جو اجلاس ٻيهر شروع ڪري ۽ پاڻي جي وهڪري بابت معلومات جي مٽاسٽا بحال ڪري، ڇاڪاڻ ته هي معاهدو ٻنهي ملڪن جي ذميداري آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان طرفان صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان هڪ طرف قانوني ۽ سفارتي ذريعن سان پنهنجو ڪيس اڳتي وڌائيندو رهندو ۽ ٻئي طرف آبپاشي جي نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ، موسمياتي تبديلين جي مقابلي جي صلاحيت وڌائڻ ۽ پاڻي ذخيرن جي استعمال وڌائڻ تي پڻ توجهه ڏيندو. ايس ڊي پي آءِ جي تحقيق بابت ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ساجد امين جاويد چيو آهي ته پاڻي ڏکڻ ايشيا جي معيشت، صحت ۽ مستقبل جو بنياد آهي. هن چيو ته موجوده پاڻي ڇڪتاڻ ايندڙ ڏينهن ۾ خطي جي اقتصادي ۽ سياسي سفارتڪاري جا رُخ طئي ڪري سگهي ٿي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن هڪ ملڪ کي ڊگهي عرصي تائين لاڳو معاهدي کي هڪ طرفي طور نظرانداز ڪرڻ جي اجازت ملي وئي ته ٻيا مٿانهن درياهي ملڪ به مستقبل ۾ اهڙا مثال بڻجي سگهن ٿا. ايس ڊي پي آءِ جي سينيئر واٽر ايڊوائيزر نصير ميمڻ چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي معطل رکڻ هڪ سنگين ڳڻتيءَ جو معاملو آهي. جڏهن ته درياهه جو قدرتي وهڪرو، جاگرافيائي ۽ خطي جون زميني حقيقتون ڪيترائي اهم حفاظتي سبب فراهم ڪن ٿيون. هن چيو ته سنڌو درياهه جي تقريبن 80 سيڪڙو پاڻي ڀارت جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي، جڏهن ته لداخ جي ڪيترن ئي مددگار درياهه وڌيڪ عرصو برف سان ڍڪيل رهن ٿا. پاڪستان جي انڊس واٽر ڪميشن ۽ پاڻي وسيلن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري سيد محمد مهر علي شاهه سيمينار ۾ تفصيلي ۽ فني بريفنگ ڏيندي چيو ته چناب ۽ جهلم درياهه ۾ نڪرندڙ شاخن مان سيراب ٿيندڙ علائقي ۽ راوي لنڪ ڪئنال کان ديپالپور تائين پهچندڙ پاڻي پاڪستان جي لاءِ خاص طور تي اهم ۽ حساس آهي. هن ٻُڌايو ته موجوده صورتحال ۾ ڀارت سانوڻي دوران تقريبن 2 کان 4 ڏينهن ۽ سردين ۾ 8 کان 10 ڏينهن تائين پاڻي جي وهڪري کي متاثر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جيڪو في الحال برداشت جوڳو آهي. هن خبردار ڪيو ته اهڙي صورتحال سنڌ طاس معاهدي جي شق 3 جي سراسر ڀڃڪڙيءَ برابر آهي. هن اهو به واضح ڪيو ته زمين هيٺيان پاڻي پاڪستان لاءِ ڪو مڪمل متبادل ناهي.










