اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، راولپنڊي ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل حنا جاويد جي قتل وارو معاملو گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ عورت وومينز پارلياماني ڪاڪس جي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايوان ۾ ان لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ اسپيڪر چيو ته حنا جاويد جو وحشياڻو قتل ٿيو آهي، اهو صوبائي معاملو آهي جڏهن ته حنا …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، حنا جاويد جي قتل جو معاملو گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ عورت وومينز پارلياماني ڪاڪس جي حوالي ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، راولپنڊي ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل حنا جاويد جي قتل وارو معاملو گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ عورت وومينز پارلياماني ڪاڪس جي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايوان ۾ ان لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي. سومر ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ اسپيڪر چيو ته حنا جاويد جو وحشياڻو قتل ٿيو آهي، اهو صوبائي معاملو آهي جڏهن ته حنا جاويد، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڊسمبر 2019ع کان جون 2026ع تائين اٽيچمنٽ تي ڪم ڪيو، اهو پروگرام ختم ٿيڻ تي هوءَ هتان واپس وئي هئي. هن چيو ته جنهن وحشياڻي انداز ۾ اهو قتل ۽ تشدد جو واقعو ٿيو آهي، ان تي اسان سڀني ۾ پريشاني ۽ ڳڻتي آهي، وومين ڪاڪس جو ٿورائتو آهيان ته ان اهو معاملو کنيو، اسان اهو معاملو ريفر ڪريون ٿا، ان سلسلي ۾ جيڪا مدد ۽ معاونت گهربل هوندي اها قومي اسيمبليءَ ان کي فراهم ڪندي. هن اهو معاملو قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي کي به ريفر ڪري ڇڏيو، ان تي ٻئي ادارا پنهنجي ڪوآرڊينيشن بهتر ڪندا. اسپيڪر جي چوڻ تي سائره افضل تارڙ، حنا جاويد جي روح جي ايصال لاءِ فاتحه خواني ڪرائي.










