فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سندس جي ايران جي صدر سان اهم ۽ لاڀائتي ملاقات رهي: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سندس ايران جي صدر سان هڪ اهم ۽ لاڀائتي ملاقات ٿي جنهن ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار، وچ اوڀر جي موجوده صورتحال ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ "اسلام آباد مفاهمتي يادداشت" جي …

اسلام آباد- 25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سندس ايران جي صدر سان هڪ اهم ۽ لاڀائتي ملاقات ٿي جنهن ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار، وچ اوڀر جي موجوده صورتحال ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ "اسلام آباد مفاهمتي يادداشت” جي مڪمل بحالي ۽ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ٻنهي طرفن کان ضروري قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم "ايڪس” تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته ايران جي صدر پنهنجي حڪومت جو موقف ۽ خدشا واضح طور تي سامهُون رکيا، جنهن تي ٻنهي طرفن کان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻُڌايو ته ملاقات ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي اڳڀرائي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ مددگار ثابت ٿيندي.

مزید خبریں